شوبز

راڻي قلوپطرا ۾ ڪاري اداڪارا کڻڻ تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو، مصر ۾ ڪاوڙ

نيٽ فليڪس پاران تاريخ جي فرعوني حڪمرانن بابت تيار ڪيل ٽي وي سيريز راڻي قلوپطرا ۾ ڪاري اداڪارا کڻڻ تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو، جنهن تي مصر ۾ ڪاوڙ جي لهر اڀري آئي آهي. ميڊيا مطابق مصر اعلان ڪيو آهي تھ اهي راڻي قلوپطرا جي زندگي تي پاڻ حقيقتن تي ٻڌل سيريز تيار ڪندو، جنهن لاءِ هڪ مقامي ٽي وي چينل نئين سيريز حقيقت تي ٻڌل تيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن لاءِ انهن آثار قديما ۽ انساني نسلن بابت مهارت رکندڙن کان مدد وٺڻ جو بھ اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن مصر جي هڪ وڪيل محمود السمري نيٽ فليڪس جي سيريز ۾ راڻي قلوپطرا ڪاري رنگ جي ڏيکارڻ تي ڪيس داخل ڪري چڪو آهي ۽ هن عدالت کان سيريز تي پابندي جي استدعا ڪئي آهي. ٻئي پاسي نيٽ فليڪس جي سيريز ۾ راڻي قلوپطرا جو ڪردار ڪندڙ اداڪارا اڊيل جيمز چيو آهي تھ قلوپطرا جي ماءُ، ناني يا ڏاڏي بابت اسين ڪجهه نٿا ڄاڻون، سيريز نسلي متڀيد کان مٿي آهي، اسان ان ۾ راڻي جي ڪردار کي نسل جي بنياد کان مٿانهون ٿي ڏٺو آهي، تنهنڪري ٿيندڙ تنقيد اجائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button