شوبز

پرينيتي ۽ راگهو چڍا جي مڱڻي جي تياري، گهر سينگارجي ويو

بالي ووڊ جي اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ سياستدان راگهو چڍا جي مڱڻي جي تياري جاري آهي، جنهن دوران پرينيتي جي ممبئي وارو گهر پڻ سينگارجي ويو آهي ۽ ان جي مٿان رنگ برنگي بلبن جي جهالر ٻري روشني ڏئي رهي آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو مخلتف ڪمن کي مڪمل ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن. هوڏانهن پرينيتي چوپڙا ۽ عام آدمي پارٽي اڳواڻ راگهو چڍا جي مڱڻي جي رسم سڀاڻي ئي ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن تھ امڪاني مڱڻي لاءِ جوڙو ممبئي ايئرپورٽ پهتو تھ کين صحافين پاران مبارڪ ڏيڻ تي انهن جواب ڏيڻ بدران رڳو مسڪرايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button