مسيح کان اٺ سو سال اڳ تائين اها بي چيني ويتر وڌڻ لڳي ۽ دنيا جي چئن مختلف حصن ۾ نبين ۽ ولين جو هڪ وڏو انگ مسئلن جا حل ڳولڻ لڳو. جرمنيءَ جي فلسفي ڪارل جيسپرس (Karl Jaspers) ان دور کي ‘The Axial Age’ سڏيو، ڇو ته ان انسان جي روحاني ترقي جي حوالي سان پاڻ کي اهم ثابت ڪيو، ان دور ۾ حاصل ڪيل سوچ ويچار اڄ تائين به ماڻهن جي رهبري ڪندي اچي پئي. اتان ئي مذهب جي اها شڪل جنهن کي اڄ اسين سڃاڻو ٿا، سا آئي. ماڻهو پنهنجي فطرت، حالتن ۽ اوڻاين جي حوالي سان وڌيڪ چٽي نموني شعور وارا ٿي پيا. نوان مذهبي ۽ فلسفياڻا نظام نروار ٿيڻ لڳا، جهڙوڪر: چين ۾ Confucianism ۽ Taoism، هندستان ۾ ٻُڌمت ۽ هندومت، وچ اوڀر ۾ وحدانيت ۽ يورپ ۾ يوناني منطق. Axial دور جون اهي روايتون مسيح کان ڇهين، ستين ۽ اٺين صدي اڳ وارن عظيم عبراني نبين، هندستان ۾ اپنشد جي ولين ۽ ٻُڌ (c. 563-483)، چين ۾ Confucius (551_479) ۽ The Dao De Jing جي ليکڪ سان، ۽ يونان ۾ سقراط (469_ 399)، افلاطون (c. 427-347) ۽ ارسطو (384-322 BCE) سان لاڳاپيل هيون.
Axial دور جي حوالي سان اڃا به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڳجهيون آهن. اسين اهو نٿا ڄاڻون ته ان سان چيني، هندستاني، يوناني ۽ يهودي ڇو لاڳاپيل هئا ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ڇو ميسوپوٽيميا يا مصر ۾ اهڙي اڳڀرائي نٿي. اهو گهڻي ڀاڱي سچ آهي ته اهي Axial وارا علائقا سياسي، سماجي ۽ معاشي اٿل ڦٿل جو شڪار هئا. جنگيون هيون، لڏپلاڻ هئي، رتوڇاڻ هئي ۽ شهر تباهه پئي ٿيا. نئين بازار جي معاشيات (market economy) اُسري رهي هئي. طاقت پوڄارين ۽ بادشاهن کان نڪري واپارين جي هٿن ۾ اچي رهي هئي، جنهنڪري پراڻو سرشتو متاثر ٿي رهيو هو. اهي مڙئي نوان عقيدا ڪنهن ڏورانهين ريگستان يا جابلو علائقن ۾ نه پئي اُسريا، پر اهي سرمائيداري ۽ گهڻي ناڻي واري وايو منڊل ۾ اُسريا. پر ان اٿل پٿل پوري ريت Axial واري انقلاب کي نٿي سمجهايو، جنهن انساني سوچ ويچار ۽ دنيا کي پرکڻ واري نظرئي تي گهرو اثر ڇڏيو.
سڀني Axial تحريڪن ۾ ڪي عام جُز شامل هئا. انهن کي انهن ڀوڳنائن جي چڱي ريت ڄاڻ هئي جن کي انساني حالت کان ڪنهن به صورت ۾ الڳ نه پيو ڪري سگهجي ۽ سڀني روحانيت سان ٽمٽار هڪ اهڙي مذهب تي زور ٿي ڏنو، جيڪو ظاهري ريتن رسمن ۽ عبادت تي آڌاريل نه هجي. انهن وٽ فردي ضمير ۽ اخلاقيات جي حوالي سان نئين سوچ هئي. ان ڪري رڳو روايتي رسمن کي پورو ڪرڻ ئي کوڙ نه هو، ان سان گڏ عبادت گذار تي ٻي مخلوق جو احترام ڪرڻ به لازم هو. سڀني ولين پنهنجي پنهنجي دور ۾ ٿيندڙ تشدد کان پاسو ڪيو ۽ رحم ۽ انصاف جو پرچار ڪيو. انهن پنهنجي مريدن کي سيکاريو ته سچ کي ٻين پوڄارين ۽ مذهبي اڳواڻن جي تعليم ۾ ڳولڻ بدران پنهنجي من اندر ۾ ڳوليو. ڪابه ڳالهه رڳو عقيدي جي بنياد تي نه مڃي وڃي، هر شيءِ بابت سوال ڪيو وڃي ۽ آڳاٽيون رسمون جن کي بنا اعتراض جي مڃيو ٿي ويو، انهن جي به تنقيدي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي. انهن مان هڪ علم جنهن کي ٻيهر نظرثاني جي ضرورت هئي، اهو ڏند ڪٿا جو علم به هو.
جڏهن هنن جي سامهون آڳاٽيون ڏندڪٿائون آيون ته هر Axial تحريڪ جو ان حوالي سان الڳ الڳ ردعمل هو. ڪن انهن تي ڇتي تنقيد ڪئي ته ڪن جو وري ان حوالي سان نرم رويو هو. سڀني ڏندڪٿائن جي وڌيڪ داخلي ۽ اخلاقي تشريح ڏني. شهر زندگي جي اوسر جو مطلب هو ته هاڻي ڏندڪٿا کي عقيدي طور نه ڏٺو ويندو، ماڻهن ان جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ جاري رکي، پر جڏهن هنن جي اڳيان نفسياتي حوالي سان پراسرار مونجهارا آيا ٿي ته اهي وري پراڻين ڏندڪٿائن ڏانهن وريا ٿي. انهن ڪهاڻين کي ڀلي نئين انداز ۾ بيان ڪيو ويو هجي، پر اڃا به انهن جي ضرورت محسوس ٿي پئي.