ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اين ايف سي ايوارڊ فنڊ

Editorial

نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ هر ڀيري تڪرار جو سبب رهندو آيو آهي. عمران خان جي حڪومت ۾ صوبا اين ايف سي ايوارڊ لاءِ زور لڳائيندا رهيا پر ان وقت نه رڳو ان ايوارڊ کي صوبن حوالي نه ڪيو ويو پر سنڌ جا ڪيترائي ترقياتي فنڊ روڪيا ويا هئا، جنهنڪري سنڌ وفاق سان شڪايتون به ڪندي رهي پر وفاق سنڌ جي شڪايتن تي ڪن ڪونه ڌريا. تازو ئي اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي فنڊن جي فراهمي ڪئي وئي آهي. اهو هڪ سٺو عمل آهي، ان سان صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ جيڪي وڇوٽيون آهن، اهي به ختم ٿينديون ۽ صوبن ۾ آيل رقم سان ترقياتي ڪم پڻ ٿي سگهندا ۽ ان کان سواءِ اهو پئسو عوام تي خرچ ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن.
نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ تحت وفاق طرفان صوبن کي فنڊن جي فراهمي ۾ جاري ڪئي وئي آهي. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان ان حوالي سان موجود انگن اکرن موجب جولاءِ کان مارچ 2022ع تائين جي عرصي ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق طرفان صوبن کي 29 کرب 53 ارب 10 ڪروڙ 80 لک رپين جا فنڊز منتقل ڪيا ويا. گذريل مالي سال جي انهي عرصي ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق صوبن کي 25 کرب 84 ارب 18 ڪروڙ 30 لک رپين جا فنڊز منتقل ڪيا هئا. مالي سال 2022ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق طرفان صوبن کي فراهم ڪيل فنڊن جو ڳاڻيٽو 35 کرب 89 ارب 17 ڪروڙ رپيا رڪارڊ ڪيا ويا. ناڻي واري وزارت جي انگن اکرن موجب جاري مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق طرفان پنجاب کي 14 کرب 55 ارب 29 ڪروڙ 10 لک رپيا، سنڌ کي 7 کرب 27 ارب 93 ڪروڙ، خيبر پختونخوا 4 کرب 84 ارب 3 لک، بلوچستان کي 2 کرب 86 ارب 82 ڪروڙ 10 لک رپين جا فنڊ فراهم ڪيا ويا. گذريل مالي سال جي هن عرصي ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت پنجاب کي 12 کرب 74 ارب 40 ڪروڙ 30 لک رپيا، سنڌ کي 6 کرب 45 ارب 85 ڪروڙ 30 لک رپيا، خيبر پختونخوا کي 4 کرب 25 ارب 60 ڪروڙ 40 لک رپيا ۽ بلوچستان کي 2 کرب 38 ارب 32 ڪروڙ 30 لک رپين جا فنڊ منتقل ڪيا ويا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ سٺو فيصلو آهي، تنهنڪري هن فيصلي جي آجيان ٿيڻ گهرجي، پر ان سان گڏ اهو پڻ ضروري آهي ته اهي فنڊ بهتر نموني استعمال ڪيا وڃن، ڪنهن به قسم جي ڪا ڪرپشن نه ٿيڻ گهرجي. صوبن کي ملندڙ اين ايف سي فنڊ جو استعمال هر ان شعبي ۾ ٿيڻ گهرجي. جتي ان جي ضرورت آهي ۽ ان کان سواءِ ان رقم وسيلي جيڪي به رهيل ترقياتي رٿائون آهن، انهن کي پڻ ترت پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته گذريل پنجن سالن ۾ صوبن ۾ نالي ماتر ترقي رٿائون پوريون ٿيون آهن. جنهنڪري عوام کي بنهه گهڻُو نقصان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button