شوبز

بنگلاديش ۾ 50 سالن بعد ڀارتي فلم رليز، پٺان 19 ڪروڙ ڪمائي ورتا

بنگلاديش ۾ بنگلاديش ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عرصي بعد بعد پهرين ڀارتي فلم رليز ٿي وئي آهي، جيڪا سپر استار شاهه رخ خان جي فلم پٺان آهي، جنهن پهرين ڏهاڙي ئي 19 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ پيسا ڪمائي ورتا آهن. ميڊيا مطابق 1971ع ۾ ڍاڪا سانحي بعد حڪومت مقامي سينيما کي تحفظ ڏيڻ لا پرڏيهي فلمن تي پابندي لڳائي هئي، جنهن بعد اتي ڪابھ پرڏيهي فلم رليز نھ ٿي سگهي، پر بنگلاديش جي حڪومت ملڪ ۾ تازو 10 پرڏيهي فلمن جي نمائش جي اجازت ڏني آهي، جن مان بالي ووڊ فلم پٺان 48 سينيمائن ۾ رليز ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪنگ آف رومانس شاهه رخ خان جي بلاڪ بسٽر فلم پٺان جا روزانو 200 شوز ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي، جنهن تي مداح تمام گهڻا خوش آهن. هوڏانهن باڪس آفيس جي انگن اکرن موجب فلم پٺان بنگلاديش ۾ پهرين ڏينهن تي 19 ڪروڙ 13 لکي ڪمائي سمورن ماڻهن کي حيران ڪيو آهي، جنهن تي ڊسٽريبوٽرز بھ خوش ٿي ويا آهن. ڊسٽريبيوٽرز جو چوڻ آهي تھ ڊجيٽل پليٽ فارم تي موجود هوندي فلم شاندار بزنس ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button