شوبز

عمران خان ۽ سندس حامين کي شرم اچڻ ممڪن ناهي: عفت عمر

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ۽ عمران خان تي تنقيد ڪندڙ اداڪارا عفت عمر جي والدا جي شيئر ڪيل تصوير تي پي ٽي آئي جي ڪارڪنن چٿرون ڪيون آهن، جنهن تي عفت عمر تپي باهه ٿي وئي ۽ عمران خان توڙي سندس ڪارڪنن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائي ورتو آهي. عفت عمر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو تھ عمران خان ۽ سندس حامين کي ڪنهن بھ ڳالهه تي شرم اچي، هاڻ اهو ممڪن ناهي. هن چيو تھ ماءُ وڏي هستي آهي، پي ٽي آئي ڪارڪنن کي ان ڳالهه تي چٿر تان شرم اچڻ کپي ها، پر سندن ليڊر انهن جو دماغ ايڏو خراب ڪيو آهي جو اهي ماءُ جهڙي هستي تي بھ شرم نٿا محسوس ڪن. هنن مون سميت منهنجي مڙس ۽ اولاد کي بھ بخش ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button