ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪي سياست: ڪجهه اڳڀرايون

Editorial-Article-Yameen Jatoi

ٿلهي ليکي ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ جيڪي نيون اڳڀرايون ٿيون آهن، اهي ڪجهه هن ريت آهن ته ملڪ جي “قومي سلامتي” ڪميٽي جي اجلاس ۾ 9 مئي تي “فوجي ۽ نجي ملڪيتن” کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ “قومي” اسيمبلي جي اجلاس ۾ چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي ججن جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي رٿ منظور ڪئي وئي آهي ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ججن جي روين جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ريفرنس تيار ڪري سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ڪندي. رٿ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي چيف جسٽس کانسوا ٻين ججن جي مس ڪنڊڪٽ تي به ريفرنس آڻڻ جو جائزو وٺندي.
جڏهن ته پي ڊي ايم وري چيف جسٽس خلاف سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. ڌرڻي کي خطاب ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته هاڻي ملڪ جو هر فيصلو عوام ڪندو، عدالتي وقار جي لا ڪجهه ججن کي قربان ڪيو وڃي ته ڪو فرق نٿو پوي. مولانا فضل الرحمان چيو ته “ملڪ جو ڪو به فيصلو هاڻي سامهون واري عمارت ۾ نه ٿيندو، اسان پاڪستان جي عدليا جو وقار بحال ڪرڻ چاهيون ٿا، اڄوڪي تاريخي ميڙاڪي ٻڌائي ڇڏيو ته فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن ها ته اڄ بحران نه هجي ها. جانبدار جج پنهنجي حيثيت کي مجروح ڪري چڪو آهي، معزز ڪرسين تي ويهندڙن کي پارليامينٽ ۽ عوام جي تذليل جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. سياستدان جي تذليل ٿيندي ته پو تنهنجي هٿوڙي کان اسان جو هٿوڙو ڳرو آهي، اسان کي اها هٿوڙا گردي نامنظور آهي ۽ نه ئي اسان ان کي ڪنهن طريقي سان تسليم ڪنداسين. سمورا ادارا پنهنجي دائري اندر رهي پنهنجون ذميواريون انجام ڏين، پاڪستان جي انتظاميا پارليامينٽ ۽ وزيراعظم جي هٿ ۾ آهي، اوهان کي جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته هن بلڊنگ کان ٻاهر اچ ۽ ميدان ۾ بيهه.”
مريم نواز چيو ته پاڪستان جي تباهي به ججن جي فيصلن سان ٿي آهي، سپريم ڪورٽ کي داغدار ايمانداري نه پر عمران داري ڪيو آهي، جيستائين عمر عطا بنديال ملڪ جو سڀ کان اعليٰ جج رهندو، آزاد ۽ شفاف چونڊون ممڪن ناهن، موجوده بحران جي ذميوار چيف جسٽس کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. اڄ عمران خان جي سهولتڪاري ڪندڙن جي ڳالهه ٿيندي، قانون سازي پارليامينٽ جي ذميواري آهي، ان کي روڪڻ توهان جي ذميواري ناهي. اسان سپريم ڪورٽ ۽ آئين جو احترام ڪندڙ ماڻهو آهيون، ان عمارت کي ايمانداري نه عمران داري داغدار ڪيو، اسان هن جاءِ تي احتجاج ڪرڻ نه پئي چاهيو، هن عمارت سان جمهوريت مضبوط ڪرڻ گهرجي. عمران خان کي انجام تي پهچائڻ هن عمارت جي ذميواري هئي، 60 ارب رپين جو ملزم جڏهن عدالت ۾ پيش ٿيو ته کيس چيو ويو توهان کي ڏسي خوشي ٿي، هي نظريا ضرورت آهي، جنهن ملڪ کي تباهه ڪيو. هن ملڪ ۾ 4 ڀيرا جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو، ڇا عدالت ڪنهن آمر کي گهر موڪليو؟ اسان اقليتي فيصلي کي نٿا مڃون، چيف جسٽس صاحب! عوام جو سمنڊ ڏسي توهان کي خوشي ٿي يا نه؟ اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ عمران خان ۽ پرويز الاهي نه عارف علوي به ملوث هو، فتني ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي انجام تائين پهچائڻ جي ذميواري عدليا جي هئي. پاڪستان جي ترقي ۽ تباهي هن اداري مان ڦٽي ٿي، جڏهن جج ايمانداري سان فيصلا ڪندا ته ملڪ ترقي ڪندو ۽ جيڪڏهن جانبداري ٿي ته پو تباهه ٿي ويندو.
جڏهن ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري عدليا تي عمران خان جي سهولتڪاري جو الزام مڙهيندي چيو آهي ته جيڪي پنهنجي اداري ۾ ون مين شو هلائي رهيا آهن اهو ئي سڄي ملڪ ۾ ون مين شو لاڳو ڪرڻ چاهن ٿا. بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن اسان هتي بي اعتمادي رٿ کڻي آياسين ته آرٽيڪل 5 جو بهانو استعمال ڪري انهن آئين ٽوڙايو، تڏهن ڪجهه به نه ڪيو ويو، نه اسان ڪجهه ڪيو، حڪومت به ڪجهه نه ڪيو ۽ نه اسان جي عدالتن ڪيو. پنجاب جو سوال اچي ٿو ته رات وچ ۾ فيصلو ڪن ٿا ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايو، جڏهن اتي بي اعتمادي جو سوال هو ته هڪ مهيني کان پيشيون ڀوڳي رهيا آهيون ته جيئن بي اعتمادي جو حق کسيو وڃي. هن چيو ته ان وقت به عمران خان ۽ سندس سهولتڪارن جي ڪوشش هئي ته ڪنهن طرح اسيمبلي ٽوڙي ۽ فوري طور تي چونڊون ڪرايون وڃن جيستائين سندس سهولتڪار ادارن ۾ موجود هجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button