ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناقص آدمشماري

Editorial

تازو ٿيل ملڪي سطح تي آدمشماريءَ بابت جيڪي خدشا سامهون آيا آهن، اهي سنجيده نوعيت جا آهن، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ جڏهن به آدمشماري ٿيندي آهي ته اها سياسي بنيادن تي ڪئي ويندي آهي، جنهنڪري ان جي نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو آهي. اهڙي ريت هاڻوڪي آدمشماريءَ کي ڊجيٽل آدمشماري چيو ٿو وڃي ته اها سموري آدمشماري ناقص تصور ڪئي ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اڃا تائين به ڪيترائي علائقا ۽ شهر آهن، جتي ماڻهن جي ڳڻپ ٿي ئي ناهي. جڏهن ڳڻپ ناهي ٿي ته پوءِ اها آدمشماري ڪنهن به ريت مڪمل نٿي چئي سگهجي.
خبر موجب حيدرآباد ۾گهر شماري کانپو آدمشماريءَ ۾ واڌ ڪندي 15 مئي جي واڌ ڪئي وئي هئي. جيڪا ٻه ڏينهن اڳ پڄاڻي تي پهتي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ جي او آر ڪالونيءَ ۾ قائم شماريات کاتي جي آفيس جي عملي موجب ته اسان جي ٽيم حيدرآباد ۾ آدمشماريءَ جي مرحلو مڪمل ڪيو آهي. جڏهن ته قاسم آباد ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪرڻ واري سوال تي سينسز قاسم آباد جي انچارج شڪيل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ اي سي قاسم آباد جي عملي سان گڏجي آدمشماريءَ جو مرحلو مڪمل ڪيو آهي. جڏهن ته مختلف شهرين ۽ صحافين طرفان ڳڻپ ۾ شامل نه ڪرڻ تي قاسم آباد ۾ عملي جي ٽيم ماڻهن جي گهرن تي پهچي ڊوائيس ۾ نالا شامل ڪرڻ لڳي وئي هئي. عملي موجب ته ماڻهن جي گهرن ۾ موجودگي نه هجڻ ڪري ڳڻپ رهجي وئي آهي. اسان ٻيا گهر ۽ فليٽ ڳڻپ ۾ شامل ڪيا آهن. شهرين موجب ته عملو سندن گهرن تي نه آيو هو. جڏهن ته حيدرآباد جي سٽي، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ تعلقي ٻهراڙي ۾ ڳڻپ جا انگ اکر جاري ڪرڻ بابت ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سندن آفيس ۾ ڊوائيس جي ڊيٽا مان ڳڻپ جو سلسلو اڄ مڪمل ڪيو ويندو. جنهن کانپوءِ حيدرآباد ضلعي جا انگ اکر ٻڌائي سگهنداسين. ٻئي طرف سنڌ صوبي جي ڳڻپ جي سلسلي ۾ شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل انگ اکر موجب ته سنڌ ۾ 5 ڪروڙ 61 لک761 ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ 2 ڪروڙ 96 لک 56 هزار مرد، 2 ڪروڙ 65 لک 714 عورتون ۽ 3 هزار 724 ٽرانسجينڊر شامل آهن. جنهن ۾ حيدرآباد ڊويزن جي آبادي هڪ ڪروڙ 21 لک 7 هزار ٻڌائي وئي آهي.
ملڪ ۾ گذريل ستن ڏهاڪن کان وٺي آدمشماري ڪرڻ جو روايتي طريقو رائج آهي، جڏهن ته ان کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن اهو ڪم ميونسپل ادارن کي ڏنو وڃي، هر سال هڪ اهڙو فارم گهر گهر فراهم ڪيو وڃي ۽ ان ۾ گهر ڀاتين کي شامل ڪري واپس ڪيو وڃي ته ان سان وڏي خرچ کان به بچي سگهي ٿو ۽ وسيلا به ضايع ڪونه ٿيندا. هاڻوڪي آدمشماريءَ جا نتيجا جڏهن پڌرا ڪيا ويندا ته ان کي سياسي ڌريون قبول ڪونه ڪنديون. ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته آدمشماري ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي چرچ تي نه پر هڪ سنجيده معاملو سمجهي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن جي اصل انگ جي خبر پئجي سگهي ۽ ان جي آيل نتيجن کي سڀئي ڌريون بنا ڪنهن اعتراض جي قبول به ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button