اسلام آبادپاڪستان

نيب قانون ۾ ڪجهه غلطيون آهن، ان تي فيصلو ڏينداسين:چيف جسٽس

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان طرفان نيب ترميم خلاف ڪيس جي شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا ته نيب قانون ۾ ڪافي شيون ٺيڪ آهن، ڪجهه غلطيون آهن جن تي فيصلو ڏينداسين. ڪيس کي وڌيڪ اينگهائڻ نٿا چاهيون. خواجا حارث ٻڌائي ته نيب ترميم ۾ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪٿي ٿي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان عدالت ۾ ڪراچي مان وڊيو لنڪ تي پيش ٿيو. چيف جسٽس مخدوم علي خان کي چيو ته اڄ اوهان ايڏو پري کان پيش ٿيا آهيو، جنهن تي هن چيو ته گذريل ڏينهن جي حالتن کي ڏسي مون کي لڳو ته عدالت پهچڻ ڏکيو ٿيندو، اڄڪلهه ته سوشل ميڊيا به نه آهي جو ڄاڻ ملي سگهي. چيف جسٽس مخدوم علي خان کي چيو ته ڌيان سان ڳالهايو عدالت ۾ جيڪا ڳالهه چوندا اها سوشل ميڊيا تي گڊ ٽو سي يو وانگر پيش ڪئي ويندي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته هن ڪيس جي 46هين شنوائي آهي ۽ بئنچ جي مرضي آهي هن ڪيس کي مڪمل ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ مخدوم علي خان ۽ عمران خان جي وڪيل کي دليلن جي سمري جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جوابن کان پوءِ فيصلو ڪنداسين ته ڪيس جي وڌيڪ شنوائي جي ضرورت آهي يا نه. چيف جسٽس چيو ته لکت مواد ڏسڻ کان پوءِ ضرورت پئي ته وڌيڪ شنوائي ڪنداسين، جيڪڏهن فراهم ڪيل مواد تي عدالت ڪنهن نتيجي تي پهتي ته ڌرين کي آگاهه ڪري ڇڏينداسين. چيف جسٽس چيو ته نيب ترميم ڪيس جون 46 ٻڌيون ٿي چڪيون آهن هن وقت تائين خواجه حارث 26 ۽ مخدوم علي خان 19 شنوائين تي دليل ڏنا آهن. هن چيو ته ڪيس کي وڌيڪ اينگهائڻ نٿا چاهيون ڇو ته عدالتي موڪلن ۾ شايد بئنچ هڪ ئي وقت هتي موجود نه هجي. پارليامينٽ کي قانون سازي جون هدايتون ڏيڻ جو مقصد قانون کي آسان بنائڻو هو ته جيئن سڌارو اچي، جنهن کان پوءِ ڪيس جي شنوائي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button