اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو سان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن جي ملاقات

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪشميري اڳواڻن ڀارت پاران جي-20 ڪانفرس جي واپاريل ڪشمير ۾ اهتمام تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن چيو ته جي-20 ڪانفرنس جو والاريل اهتمام ڪشميرين لاءِ قبول نه آهي. پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير بلاول ڀٽو کي جي-20 ڪانفرنس جي دوران مظفرآباد ۽ باغ اچڻ جي دعوت ڏني جيڪا پرڏيهي وزير قبول ڪئي. پرڏيهي وزير چيوته ڪشمير جو ڪيس منهنجي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي. والاريل ڪشمير ۾ جي20 ڪانفرنس تي سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. بلاول ڀٽو سان ملاقات لاءِ چوڌري ياسين لطيف اڪبر، سردار يعيقون ۽ فيصل راٺوڙ اسلام آباد آيا هئا. ملاقاتر ۾ وزيراعظم جو ڪشمير معاملن بابت صلاحڪار قمرزمان ڪائره به گڏ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button