اسلام آبادپاڪستان

عمران جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪرايو،پلان زمان پارڪ ۾ ٿيو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 9 مئي جي واقعي تي هر اک آلي آهي، واقعي جي رٿابندي زمان پارڪ ۾ ٿي. پي ٽي آئي چيئرمين جي پوري سياست ڏڦيڙ، فساد ۽ ملڪ سان دشمني تي ٻڌل آهي. پي ٽي وي حملي ڪيس ۾ عمران خان کي جيڪڏهن سزا ملي وڃي ها ته اڄ اهڙا واقعا نه ٿين ها. مراد سعيد ۽ ياسمين راشد حالتون خراب ڪرڻ جون هدايتون ڏئي رهيا هئا، ڇا اهي ايجنسي جا ماڻهو آهن. ملڪ کي باهه لڳائيندڙن کي رليف نٿو ڏئي سگهجي. اڱاري تي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موجوده مشڪل معاشي صورتحال ۾ ناڻي واري وزير تيل اسمن جي اگهن ۾ لاٿ ڪري عوام کي رليف ڏنو. وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڊي چوڪ تي قبرون کوٽيون، سپريم ڪورٽ جي ٻاهران خراب ڪپڙا ٽنگي پي ٽي وي تي حملو ڪيو. عمران خان عدالت جي ڪمري مان پيغام ڏنو ته جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو ويو ته 9 مئي کان وڌيڪ ردعمل ايندو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي به اهو ئي ڪم ڪندو هو. 9 مئي تي جيڪو ان ڪيو اهو ڪنهن دهشتگرد به نه ڪيو، عمران خان جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪرايو. هن چيو ته پاڪستان جون محب وطن پارٽيون انصاف ۽ عدل کي بچائڻ لاءِ سياسي رعمل ڏين ٿيون هي سياسي ردعمل قوم گذريل ڏينهن شاهراه دستور تي ڏٺو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو جوابدار عدالت ۾ اچي ٿو ته ان کي گڊ ٽو سي يو چوڻ ٺيڪ آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button