اسلام آبادپاڪستان

فواد چوڌري جي آزادي جو حڪم،ٻيهر گرفتاري ڪوشش تي ڀڄي ها ڪورٽ پهتو

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته ٻيهر گرفتاري جي ڪوشش تي هو لڪي وڃي اسلام آباد ها ڪورٽ پهتو. تحريڪ انصاف اڳواڻ جي آزادي کانپوءِ راڄڌاني جي پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. خانگي نيوز جي رپورٽ موجب فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران رليز جو آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ گهر وڃي رهيو هو ته ايلٽ فورس سندس ڪار کي روڪي ورتو، جنهن کانپوءِ هو فوري طور ڪار جو دروازو بند ڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ داخل ٿي ويو. ان کان اڳ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٿري ايم پي او تحت فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف درخواست تي شنوائي ڪئي. عدالت فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وڌيڪ ٻن ڪيسن ۾ به کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. آزادي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان کي هڪٻئي کي گنجائش ڏيڻي پوندي، سمجهان ٿو ته هر ڌر طرفان صبر جو مظاهرو ٿيڻ گهرجي، ڳالهين ذريعي ڪو حل ڪڍڻ گهرجي، هي ملڪ پابندين کي برداشت نٿو ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button