ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران جي اُڊيڙ

Editorial-Article-Irshad Leghari

جِن قُوَتن عمران خان کي ان اميد سان سِبيو هو ته ڊگهي عرصي تائين عمران سندن ڍڪ بڻيو رهندو، تن قُوَتن جو اندازو مڪمل طور غلط نڪتو. عمران خان پنهنجي مزاج ۾ انتهائي هلڪڙو ۽ غيرسياسي هئڻ ڪري سندن ڍڪ بڻجڻ بدران ٿوري ئي عرصي ۾ رياست جي اهڙي بي لباسي بڻجي پيو، جنهن جو مثال سموري ملڪي تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. هاڻ صورتحال اها آهي جو سياسي طور عمران خان مان جند آجي ڪرائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نظر نٿو اچي ۽ مئي جي پندرهين تاريخ جون سموريون خبرون ان عمل جو پختو اشارو ڏيئي ويون آهن ته عمران خان جي اُڊيڙ تيزي سان شروع ٿي چڪي آهي ۽ سگهو ئي عمران خان جي سمورين خوشفهمين جا تاڪيا هنڌان هنڌان ليرون ٿيندي نظر ايندا.
عمران جي شروع ٿيل اُڊيڙ جا جيڪڏهن پيرا کڻون ته اها شروع بهرحال تنهن ڏينهن کان ئي ٿي وئي هئي، جڏهن سندس خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي وئي هئي پر اهڙي اُڊيڙ جي رفتار کي تيز خود عمران خان پنهنجن افعالن سان ڪيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ اڄ هو هڪ اهڙي بند گهٽي ۾ اچي ڦاٿو آهي، جتي سواءِ ڀِتين سان مٿو ٽڪرائڻ جي، وٽس ٻي ڪابه واهه ڪانه ٿي بچي. ڇو ته سپريم ڪورٽ جو جسٽس بنديال وارو پاسو، جنهن تي آخر ۾ عمران ڀاڙيو پئي هليو، سو به هاڻ ڪنهن گهڻي ڪم جو شايد نه رهي. ڇاڪاڻ ته جسٽس بنديال جي جانبداري خلاف سپريم ڪورٽ اڳيان پي ڊي ايم واري جلسي ۾ مريم نواز جنهن انداز ۾ جسٽس بنديال سان مخاطب ٿي، تنهن مان چِٽا اشارا ملن ٿا ته همراهه پاڻ ڦاسڻ وارو آهي. ان جي ثابتي سپريم جوڊيڊشل ڪائونسل ڏانهن سندس خلاف ريفرنس موڪلڻ جون تياريون آهن.
سپريم ڪورٽ ۾ عمران جي حمايت جي قيمت ڀرڻ وارا ڪيتري قيمت ڀرين ٿا، سو ته پاڻ کي سگهو ئي خبر پئجي ويندي پر ان کان به وڏو مسئلو هاڻ خود عمراني ٽولي ۾ اهي اندريان ڏار آهن، جيڪي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ايئن ئي ڦاٽ کائيندي نظر ايندا جيئن ايم ڪيو ايم ۾ آيل ڦاٽ ڀيري نظر آيا هئا. عمراني ٽولو، جنهن ۾ هِتان هُتان جو مال ميڙي گڏ ڪيو ويو هو، سو مال جن ڌڻين جو آهي، سي واپس موٽائڻ لڳا آهن ۽ مال جي اهڙي واپسي بابت اطلاع اهي آهن ته اهو سمورو ڌڻ جهانگير ترين جي جهولي ۾ وجهي، جهانگير ترين کان هڪ اهڙي سربستي پريس ڪانفرنس ڪرائي ويندي، جنهن ۾ عمران خان ڌوپجي ويندو. اهو ته آهي سياسي حوالي سان عمران خان جي اُڊيڙ جو فارمولو پر ان جهڙو ئي اثرائتو فارمولو نائين مئي ته عمران خان جي توائي حمايتين خلاف آپريشن وارو پڻ آهي. نائين مئي ته عمراني ٽولي جيڪا هلڪڙائي ڏيکاري، تنهن هڻي عمران خان جا ترا ئي ڪڍي ڇڏيا. ظاهر ۾ ته عمران خاني ٽولي کڻي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته…
” ڏسو!! عمران سان جيڪڏهن هن رياست ٿورڙي به هٿ چراند ڪئي ته سندس حمايتي هر حد تائين وڃي ٿا سگهن”
پر ڊگهي نظر واري سياسي بلوغت کان وانجهيل عمران خان کي اها ڳالهه شايد متان هاڻ ڪجهه سمجهه ۾ آئي به هجي ته جن ماڻهن سندس محبت ۾ مزاحمت ڪري عسڪري سامان کي ساڙيو لٽيو، سا محبت اصل ۾ عمران خان لاءِ زحمت بڻجي موٽ ڪيئن کائڻ لڳي آهي!؟
واضح ڪندا هلون ته سرڪار نائين مئي وارن وڳوڙين جون وڏي حد تائين تصويرون هٿ ڪري چڱا ڀلا وڳوڙي گرفتار ڪري به ورتا آهن ۽ اهڙيون گرفتاريون ڪجهه ڏينهن جاري رهيون ته سڀاڻي عمران جي سڏ تي ڪير به ڪونه نڪرندو ۽ عمران خان کي مستقبل جي اهڙي اڪيلائي جو چڱي ريت پتو پئجي ويو آهي. انهي تناظر ۾ لڳي ايئن ٿو ته هڪڙي پاسي تحريڪ انصاف مان جهانگير ترين جا ماڻهو اڳيان آڻي هڪ چڱو ڀلو جٿو عمران کان الڳ ڪيو ويندو ته ٻئي طرف نائين مئي جي گرفتار وڳوڙين مان اهڙا ڪي شاهد پڻ سامهون اچي سگهن ٿا، جيڪي اهو ٻڌائيندا ته کين عسڪري ماڳن تي ڪاهه ڪرڻ جون هدايتون ڪٿان ملنديون رهيون!!
واضح رهي ته جيڪڏهن اهو سڀڪجهه ٿئي ٿو ته ان جو ذميوار ٻيو ڪير نه پر پاڻ عمران خان ئي هوندو. عمران خان جيڪو سياست لائق هو ئي ڪونه، تنهن سياست ۾ اچي جيئن پاڻ کي خوار ڪيو، تنهن خواري جو ازالو هو هاڻ جيڪڏهن ڪرڻ چاهي تڏهن به نه ڪري سگهندو. ڇاڪاڻ جو عوام توڙي رياستي ادارا کيس اڳيان پويان پيرائتو پرکي چُڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button