ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

9 مئي جو مقدمو

Editorial-Article- Umer Qazi

پاڪستان ۾ بحران هڪ اهڙي باهه بڻجي ويو آهي، جنهن کان ڪو به محفوظ نه رهيو آهي. تازو سپريم ڪورٽ جي ٻاهران مولانا فضل الرحمان جي صورت ۾ پي ڊي ايم جيڪو ڌرڻو هنيو ۽ ان ڌرڻي ۾ جيڪي نعرا لڳا ۽ جيڪي تقريرون ٿيون، ڇا اهي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي شايان شان آهن؟ ڇا ڪڏهن ان قسم جا تماشا اسان جي ڪنهن به پاڙيسري ملڪ ٿيا آهن؟ جنهن ملڪ ۾ ملڪ جي محافظ قوت يعني فوج جون حساس عمارتون به محفوظ نه هجن! ان ملڪ جي باري ۾ ڪهڙو بحث ڪجي؟
پاڪ فوج جي قيادت ۾ ان معاملي تي تمام گهڻو رنج ۽ ملال آهي ته جيڪي ڪجهه 9 مئي تي ٿيو، ان جو ڪڏهن ڪنهن تصور به نه ڪيو هو. ڇو ته جڏهن به پاڪستان ۾ جيڪو به قدم کنيو ويو، ڀلي اهو قدم آئين جي لتاڙ ڪرڻ وارو هجي پر جڏهن به هن ملڪ جي عوام لانگ بوٽ کي ڏٺو ته عوام فوج سان ڪنهن به صورت ۾ ٽڪراءُ ۾ نه آيو. جڏهن ته هي پهريون ڀيرو هو، جڏهن خوف ختم ٿي ويو ۽ احتجاجي ماڻهو فوج سان ٽڪر ۾ نه آيا پر هو پاڻ هلي انهن ماڳن تي پهتا، جيڪي ماڳ ملڪ جي محافظ اداري جي علامت سمجهيا ويندا آهن ۽ انهن ماڳن جو ڪهڙو حشر ڪيو ويو؟ اهو اسان صرف سوشل ميڊيا تي نه پر پر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ڏٺو ۽ اسان کي يقين نه پئي آيو ته اهو ڪجهه ٿي سگهي ٿو؟ پر اهو ڪجهه ٿيو.
هن وقت پاڪستان جي سياست جو اهم ترين موضوع 9 مئي جو اهو ڏينهن آهي، جنهن کي آرمي “يوم سياه” قرار ڏئي چڪي آهي. ان ڏينهن جو ذمو هر ڌر پنهنجي مٿان کڻڻ بدران ان جو الزام پنهنجي مخالف مٿان مڙهي رهي آهي. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ته سڌو سنئون ان ڏينهن تي ٿيل مجموعي ڪاررواين جو الزام مخالف ڌر يعني پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي قيادت مٿان مڙهي رهي آهي. جڏهن ته هن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان بضد آهي ته اها سازش انهن جي مخالفن جي آهي. هو ته ان ڏس ۾ حساس ادارن جي مٿان الزام هڻي رهيو آهي ته انهن جي مرضيءَ ۽ انهن جي منصوبي تحت اهو ٿيو.
عمران خان جو ان سلسلي ۾ اهو موقف آهي ته هن جي خلاف “لنڊن پلان” ٺهيو آهي ۽ 9 مئي وارو واقعو به ان لنڊن پلان جو حصو آهي. ان پلان جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به ريت عمران خان کي سياست مان آئوٽ ڪري کيس جيل ڀيڙو ڪيو وڃي ۽ هن کي نه صرف جيل ۾ وڌو وڃي پر چڱي خاصي عرصي تائين جيل ۾ رکيو وڃي. اهوئي سبب آهي ته گذريل ڏينهن عمران خان چٽن لفظن ۾چيو آهي ته هن مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ڪري کيس سياست مان ڪڍي جيل ۾ وجهي ڏهن سالن جي ٽيپ ڏيڻ جي سازش مٿان عمل ٿي رهيو آهي. هن وقت سوال اهو آهي ته ڇا عمران خان سان اهو ڪجهه ٿيندو؟ اهو ڪجهه جيڪو خطرناڪ آهي. اهو ڪجهه جنهن جي خدشن کان هو گهڻي وقت کان وٺي عوام کي آگاهه رکڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو آهي.
9 مئي جو واقعو گهڻ طرفي تڪرار جو باعث بڻجي ويو آهي. عمران خان ان کي لنڊن پلان ڪوٺي ٿو ۽ عمران خان جا مخالف ان کي عمران خان جي سياست سڏي رهيا آهن. انهن جو اصرار آهي ته عمران خان اهو ڪري ڏيکاري اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن کي اقتدار نه مليو ته هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. عمران خان کي قابو ڪرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ٿيون آهن، اهي عمران خان جي مخالفن جي بقول عدليا ناڪام بڻايون آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف جيڪي به بيان آيا آهن. هن جي مخالفت ۾ جيڪي به تقريرون ٿيون آهن ۽ هن جي خلاف جيڪي به احتجاج ٿيا آهن ۽ هن خلاف جهڙي ريت سپريم ڪورٽ جي سامهون جيڪو پي ڊي ايم جي بينر هيٺ مولانا جو ڌرڻو لڳو آهي، ان جو ڪل مقصد اهو آهي ته بقول پي ڊي ايم عمران خان چيف جسٽس جي پاڇي ۾ ويهي اهو ڪجهه ڪري رهيو آهي، جنهن جو ڪنهن ٻي کي خيال به نه ٿي اچي سگهيو. ڇو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو ڪنهن کي به خيال نه آيو ته هو پنهنجي احتجاج کي ان حد تائين وٺي وڃي سگهي ٿو. پيپلز پارٽي ان سلسلي ۾ بار بار چئي رهي آهي ته جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي ته به پيپلز پارٽيءَ پاران اهڙو قدم نه کنيو ويو. جڏهن بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، تڏهن به ان قسم جو قدم نه کنيو ويو. پر هي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ شرمساريءَ وارو واقعو آهي، جنهن جي بنياد تي ملڪ جي محافظ اداري کي عوامي احتجاج جو نشانو بڻائي اهو ڪجهه ڪيو ويوم جيڪو ڪجهه ڪنهن جي خواب خيال ۾ به نه هو.
9 مئي جي حوالي سان گذريل ڏينهن آرمي چيف جي سربراهيءَ ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جو اجلاس ٿيو ۽ ان ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته 9 مئي جي مجرمن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ اهم پوائنٽ اها اڀري آئي آهي ته آءِ ايس پي آر جو اعلان آهي ته 9 مئي جي ڏوهارين ۽ ان جو منصوبو ڪرڻ وارن ۽ انهن جي سهولتڪارن مٿان آرمي ايڪٽ مطابق ڪيس هلايا ويندا.
آءِ ايس پي آر جي اهڙي اعلان تي هن مهل تائين حڪومت جو ڪوئي باضابطا موقف سامهون نه آيو آهي. ظاهر آهي ته اهڙي فيصلي جي تائيد ڪرڻ کان اڳ ۾ حڪومت ۾ شامل پارٽيون پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪنديون. پاڪستان جا سنجيده سياسي مبصر به هن مهل تائين ماٺ آهن. ڇو ته هو ان معاملي تي ڪنهن به قسم جي تڪڙ ڪرڻ مناسب نه ٿا سمجهن. اهي ڪنهن به ريت ان باري ۾ ڪا جلدبازي ڪرڻ کان تمام گهڻو احتياط ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي حڪومت ۾ موجود سرواڻ ڌر جا سينيئر سياستدان بنهه سوچي رهيا آهن ته ان سلسلي ۾ ڇا ڪجي؟ ڇو ته انهن کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي خبر ٿي سگهي ٿي ته پاڪستان جي سياست ۾ ڪنهن تان به اقتدار جو سج لهڻ ۾ ڪا به دير نه لڳندي آهي. پيپلز پارٽي به ان معاملي تي ڪا ڊيل ڪرڻ جو سوچي رهي آهي. جيڪڏهن 9 مئي جي سلسلي ۾ آرمي ايڪٽ مطابق ڪيس هلائڻ واري بيان جي مخالفت ڪري رهي آهي ته اها تحريڪ انصاف ۽ ان جو اڳواڻ عمران خان آهي.
لنڊن پلان ڇا آهي؟ ان باري ۾ هن مهل تائين عمران خان به ڪو ثبوت فراهم نه ڪيو آهي. جڏهن ته ايڏي وڏي دعوا ڪرڻ واري ڌر کي ان سلسلي ۾ زباني جمع خرچ کان ڪجهه وڌيڪ به ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button