ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياست جي ڪُن ۾

ڪجهه وقت لاءِ اهو تصور ڪجي ته هي سال 2017ع آهي ۽ جيڪا سياسي جوڙ ٽوڙ ٿي رهي آهي سا پي ٽي آءِ نه پر نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي خلاف آهي ته اهو ڪنهن قدر حقيقي لڳندو. جڏهن نواز شريف کي نا اهل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، (جيڪو عدالت جو مڙهيل فيصلو هو) تڏهن اهي سڀئي ڪارروايون نواز ليگ اڳواڻن خلاف ٿيون هيون، جيڪي هن وقت پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ٿي رهيون آهن. ان وقت به سياستدان پارٽين کي ڍنڍ جي پکين وانگر ائين ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيا هئا، جيئن اڄ پي ٽي آءِ کي ڇڏي ٻين پارٽين ڏانهن واجهائي رهيا آهن. ظاهر آهي انهن جو ضمير اوچتو ڪونه جاڳيو آهي پر اها ملڪي سياست جي روايت رهي آهي ته جڏهن به چونڊون ٿيڻ واريون هونديون آهن ته سياسي طور جوڙ ٽوڙ شروع ٿي ويندي آهي.
پي ٽي آءِ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو نالو ڪونهي پر اها هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي فاشسٽ سوچ جي علامت آهي، جيڪو هر حال ۾ پاڻ کي اقتدار ۾ ڏسڻ چاهي ٿو، جيڪو پنهنجي محسنن ۽ دوستن سان دغا ڪندي دير نه ڪندو آهي، ان جو نالو عمران خان نيازي آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڪنهن سياسي عمل وسيلي جنم وٺي ها ته ان جي سوچ پڪ سان اها نه هجي ها جيڪا هن وقت آهي، اها سياسي ميدان ۾ عملي طور هيٺئين سطح کان اڀري اچي ها ته اهو ممڪن هو ته ان کي اها موٽ ملي ها جيڪا هڪ سياسي پارٽيءَ جو حق هوندو آهي پر ان کي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ اڀاريو، پاليو ۽ عدالتن ان کي هر قسم جي سهولتڪاري ڏني. ان کان پوءِ اقتدار ملي ويو پر اقتدار ملڻ جو مطلب ذميواري هوندو آهي. انتظامي طور معاملن کي سمجهي نه سگهندڙ پي ٽي آءِ نه رڳو سڄي سياسي ماحول کي داغدار ڪيو پر ان ملڪي سياست کي جيترو خراب ۽ خوار ڪيو آهي، ان جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي.
هن وقت عمران خان نيازي اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيو آهي. اها حڪمت عملي عوام کان ووٽ وٺڻ ۽ اقتدار ماڻڻ لاءِ صحيح آهي پر جيڪڏهن ان ۾ تشدد جو عنصر شامل ٿي وڃي ۽ ملڪي تحفظ تي سوال اٿڻ شروع ٿي وڃن ته پوءِ معاملا بگڙي وڃن ٿا. جيئن 9 مئي جي واقعن ۾ سڄي ملڪ جي عوام ڏٺو ته ڪهڙي ريت تشدد جي واٽ اختيار ڪئي وئي ۽ ان کان پوءِ پي ٽي آءِ جي ڪارڪن جي مالڪي به عمران خان نيازي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. اڄ جڏهن فوج جي حق ۾ ريليون نڪري رهيون آهن ۽ هر سطح تي فوج جي ڪردار کي ساراهيو پيو وڃي ته ان مان صاف ظاهر آهي ته اصل طاقت فوج آهي نه ڪي سياسي پارٽيون.
تنهنڪري ملڪ ۾ جنهن حقيقي آزاديءَ جي ڳالهه عمران خان نيازي ڪري رهيو آهي، اها تيستائين ممڪن ڪونهي جيستائين عمران خان نيازي سوڌو ملڪ جون ٻيون سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جو سهارو وٺڻ نٿيون ڇڏين. سياسي آزادي ڪڏهن به اها قوت نٿي ڏئي سگهي، جيڪا اظهار جي آزاديءَ جي مخالف هجي ۽ اها عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ جائز ۽ ناجائز اپاءَ وٺندي هجي. عمران خان نيازيءَ جي تجربي مان گهٽ ۾ گهٽ اهو ثابت ضرور ٿيو آهي ته جڏهن غير سياسي ذهنن کي عوام تي مڙهيو ويندو آهي ته اهي رڳو ملڪ ۾ ڏڦيڙ ئي پکيڙي سگهن ٿا ۽ انهن وٽ معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪابه سياسي واٽ ڪونه هوندي آهي. پر ان تجربي مان اسٽيبلشمينٽ ڪجهه به ڪونه سکيو آهي. جيڪڏهن اها ڪجهه سکي ها ته هن وقت جيڪا سياسي انجينئرنگ ٿي رهي آهي سا نه ٿئي ها.
پي ٽي آءِ جهڙي ريت اڀار کاڌو هو، اها اوتري ئي تيزيءَ سان زوال ڏانهن وڃي رهي آهي، جنهنڪري اهي امڪان چٽا ٿي ويا آهن ته ايندڙ سياسي سيٽ اپ ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو ڪوبه نه هوندو. ان صورتحال ۾ پي ڊي ايم جو هاڻوڪو ڪردار ڪنهن به ريت ساراهه جوڳو ناهي، ڇاڪاڻ ته ان اتحاد ۾ شامل پارٽيون سياسي طور ان عذاب جو شڪار ٿيون جهڙي ريت هن وقت پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ٿي رهيا آهن. تنهنڪري سياسي قوتن کي پنهنجي ويڙهه ڪنهن ٻئي جي سهاري بدران پنهنجي ٻل تي وڙهڻي پوندي، جنهن جا امڪان بنهه نه هئڻ برابر آهن، ڇاڪاڻ ته سياسي پارٽيون اڃا تائين اسٽيبلشمينٽ جي اثر کان پاڻ کي آجو ڪونه ڪرائي سگهيون آهن ۽ نه ئي ڪا اميد نظر اچي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button