ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آدمشماري: وقت ۽ وسيلن جو زيان

سنڌ توڙي ملڪ ۾ ڊجيٽل آدمشماريءَ جي حوالي سان جيڪي اعتراض پهرين ڏينهن کان اٿي رهيا هئا، اهي اڃا تائين به جاري آهن. هن وقت ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون آدمشماريءَ جي هاڻوڪن انگن اکرن کي قبولڻ لاءِ تيار ڪونه آهن، نتيجي ۾ هي آدمشماري به تڪرار جي ور چڙهي وئي آهي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو جو پهرين سياسي ڌرين جا خدشا ختم ڪيا وڃن ۽ آدمشماري ڪرائڻ جو طريقيڪار اهڙو رکيو وڃي ها جو اهو سڀني لاءِ قابل قبول هجي ها. پر ائين نه ڪيو ويو هاڻ جڏهن آدمشماريءَ جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن ته سنڌ حڪومت به انهن کي قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڄاڻائي وئي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي اصل آبادي 6 ڪروڙ 44 لک آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت 5 ڪروڙ 76 لک ڳڻيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 68 لک ماڻهن جي ڳڻپ نه ڪئي وئي آهي، اهو ڪو گهٽ فرق ناهي. جڏهن ته 5 سالن جي عرصي (2017-2023) جي آدمشماري ڪرائڻ جو مقصد صحيح، شفاف ۽ سائنسي طرز جي ڳڻپ ڪرائڻ هو پر اهو عمل به نه قبولڻ وارو ثابت ٿيو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ، سيد ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب پڻ ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير چيو ته قانون موجب آدمشماري هر 10 سالن کانپوءِ ٿيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آخري آدمشماري 2017ع ۾ ٿي هئي پر اها اميدن مطابق نه هئي، تنهنڪري هن سي سي آءِ ۾ آواز اٿارڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت 2023ع ۾ ٻي آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته هاڻي 2023ع جي آدمشماري به تڪراري ثابت ٿي رهي آهي، ان ڪري وفاقي حڪومت کي گهرجي ته صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ وٺي ۽ ان ۾ موجود خاميون ختم ڪري ٻي صورت ۾ سندن حڪومت وٽ ان کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه رستو نه هوندو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي آبادي 6 ڪروڙ 44 لک آهي، جڏهن ته 5 ڪروڙ 76 لک ڏيکاري پئي وڃي، جنهن مان 68 لکن جي وڏي کوٽ ظاهر ٿئي ٿي. وڏي وزير چيو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي سمورن بلاڪن جي صحيح ڳڻپ ناهي ڪئي وئي ۽ ڪجهه بلاڪن ۾ اسان جي آبادي گهٽ ڏيکاري پئي وڃي، جيڪا قبول جوڳي نه آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي آبادي جيتري آهي، اها اوتري ئي ڄاڻائي وڃي، اها جنهن تناسب سان وڌي آهي، ان تناسب سان ڏيکاري وڃي ته جيئن لکين ماڻهو ڳڻپ کان رهجي نه وڃن. جيڪڏهن هاڻوڪي آدمشماريءَ کي به ماڻهو ۽ سياسي ڌريون قبولڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ته ان جو مطلب اهو آهي، هي آدمشماري بوگس آهي ۽ جيڪي وسيلا ۽ وقت لڳايو ويو اهو ضايع ٿي ويو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان معاملي تي وفاقي حڪومت وري ويچاري آهي ۽ جيڪي علائقا ڳڻپ کان رهجي ويا آهن، انهن کي نئين سر ڳڻيو وڃي ته بهتر ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button