شوبز

ڪينز فلمي ميلي ۾ پاڪستاني خوفناڪ فلم ان فليمز جي نمائش

شوبز دنيا جي انتهائي وڏي فلمي ميلي ڪينز فلم فيسٽيول جي 76هين ايڊيشن ۾ پاڪستاني خوفناڪ فلم ان فليمز کي پيش ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق فرانس ۾ انتهائي حسين ماڳ ڪينز ندي جي ڪناري جاري تقريبن دوران سعودي عرب ۽ ترڪي سميت هالي ووڊ جي اداڪارائن جي شرڪت ڪئي آهي، جن ۾ هينڊي صابري ۽ ٻيون شامل آهن. جڏهن تھ آمريڪي اداڪارا نٽالي پورٽمين ريڊ ڪارپيٽ تي واڪ ڪري پاڻ ساراهيو آهي. ايونٽ ۾ تيونس، ٽرڪش ۽ سعودي اداڪارائن، پروڊيوسرن گڏجي ريڊ ڪارپيٽ تي واڪ ڪري داد ورتو.

آمريڪي اداڪارا نٽالي پورٽمين ڪينز ۾ واڪ ڪندي

هوڏانهن پاڪستاني فلم ان فليمز ڊائريڪٽرز فورٽ نائيٽ پروگرام ۾ پيش ٿي، جنهن جي ڪهاڻي کي ساراهيو ويو اهي، هن فلم جي ڪهاڻي ۾ نگران مرد جي فوت ٿيڻ بعد هڪ ماءُ ۽ ڌيءَ جي ڏکيائين کي فلمايو ويو. جڏهن تھ فلم پاڪستان سميت دنيا ۾ ڪٿي بھ وڏي اسڪرين تي اڃا رليز ناهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button