شوبز

ڇوڪريون شادي کان اڳ فيمينزم وارا خيال تبديل ڪن: عروسا

پاڪستاني اداڪارا عروسا صديقي نوجوان ڇوڪرين کي ڪامياب شادي جا گر ٻڌائيندي چيو آهي تھ ڇوڪريون شادي کان اڳ فيمينزم وارا خيال تبديل ڪن، ڇاڪاڻ تھ اهو ٿي نٿو سگهي تھ اڳ ئي طئي ڪيو تھ ساهرن ۾ رڌڻي ۾ وڃڻو آهي يا ناهي وڃڻو، جوتا کڻڻ آهن يا نھ، سس کي چانهه ڏيڻي آهي يا نھ، اهو سڀ غلط ٿيندو، اهو پڻ لازمي ناهي تھ اوهين اڳئين کي عزت ڏيو تھ اوهان کي فوري طور عزت ملي، ڏسڻو اهو آهي تھ ڇوڪري گهر ٽوڙڻ چاهي ٿي يا جوڙڻ سکي پهتي آهي. هن چيو تھ جيئن هڪ ٻار اسڪول ۾ فوري طور سڀ ڪجهه ناهي سکندو ائين عورت نئين گهر ۾ سبب ڪجهه جلد ناهي سکندي، وقت لڳي ٿو، اوهين عزت ڏيندا تھ يقينن موٽ ۾ عزت ئي ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button