ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ساڳيا جرڳا ساڳيا عذاب

سنڌ ۾ جرڳائي عدالتون پنهنجي پوري آب و تاب ۽ تسلسل سان عمل ڪري رهيون آهن هڪ طرف جھيڙن جا فيصلا خونن جون چٽيون هٿيارن جي نمائش ۽ ڀوتارڪا ڌنڌا هلندي ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ رياست جي اندر هڪ ٻي رياست هلي رهي آهي ڀلي سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ دفعو نه پر ڪيترائي دفعا راڄوڻن جرڳن تي پابندي لاڳو ڪئي آهي خون بها يا خون بخشش جا راڄوڻا فيصلا غير قانوني قرار ڏيندي انهن خلاف پوليس ۽ انتظاميه کي سخت ايڪشن وٺڻ جي لاءِ چيو آهي پر معاملو اتي جو اتي ائين پيو نظر اچي جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن “ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه” پر هاڻي ته ائين ٿو محسوس ٿئي ته ساڳيا جرڳا ۽ ڀوتارڪا نبيرا ۽ ساڳيا آزار.
مجال آهي جو سنڌ حڪومت سنجيدگي سان هڪ دفعو به انهن نام نهاد راڄوڻن فيصلن تڪرارن ۽ جرڳن جي نبيرن تي سنجيدگي سان سوچو هجي تازو ئي شڪارپور ۾ ميان صاحب ويجھو ڪيهر ۽ شر تڪرار جو نبيرو اٺن خونن جو فيصلو ٻڍل فقير جي گادي نشين ثناالله فقير ۽ چنگيز پنهور جي سرپينچي ۾ ٿيو. 18 مئي جي اخبار ۾ اها خبر پوري آب وتاب سان رڳو رپورٽ ناهي ٿي پر فيصلي يعني جرڳي جون تصويرون به شائع ٿيون آهن، جنهن ۾ هڪ ڌر تي هڪ ڪروڙ ٽيهھ لک ۽ ٻي ڌر تي سٺ لک ڏنڊ رکيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ هي به ٻڌايو ويو آهي ته خون بها ويهھ لک مقرر ڪئي وئي رپورٽ ۾ هي به ٻڌايو ويو آهي ته اهو فيصلو ڪيهر ڌر جي ڪجھه فردن مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ فيصلي مان اٿي هليا ويا، بعد ۾ سندن برادري جي ماڻهن فيصلن ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته هو انهن کي مڃرائيندا ۽ فيصلي جي فتويٰ ٻڌائي وئي سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ اهي راڄوڻا فيصلا يا جرڳا نه پيا ٿين؟ آئي ڏينهن ڪو نه ڪو فيصلو ٿي پيو خون بها مقرر ڪئي ٿي وڃي فرق هي آهي ته ان خون بها ۾ ڪهڙي ڌر ڪيتري طاقتور آهي جيتري طاقتور اوتري بها مقرر ڪئي ويندي آهي بظاهر هي دليل انهن فيصلن جي متعلق ڏنو ويندو آهي ته جيئن ته ڪورٽون ترت فيصلا نٿيون ڪن جھيڙن جي فيصلن کي ۽ خاص ڪري خونن جي فيصلن کي ايترو اينگهائن ٿيون جو ماڻهو جي اڌ حياتي دربدر ٿيندي گذري ٿي وڃي ٻئي طرف انهيءَ ڪورٽ جي گھل گنداڻ ۾ هلندڙ جھيڙا ٺاپر ٿيڻ جي بجاءِ شدت سان ٽڪراءَ ۾ اچن ٿا تنهن ڪري راڄوڻا فيصلا سالن جي جھيڙن کي ڪلاڪن ۾ ختم ٿا ڪري ڇڏين ۽ ڌرين کي “کير کنڊ” ڪري ٿا ڇڏين جي معاملو ائين هجي ته اسان کي ڪنهن به قسم جو اعتراض نٿا ڪري سگھون پر حقيقت ڪجھه هيئن آهي ته برادري جي نالن تي جيڪي نام نهاد قبيلائي جھيڙا سنڌ ۾ ٿين ٿا انهن ۾ ڪٿي به ڪنهن جرڳي يا فيصلي خاتمو ناهي آندو.
ڪنهن به ڏوهاري کي سزا نه اچڻ جي ڪري ڏوهارين جي همٿ افزائي ٿئي ٿي انهن جو تعداد وڌي ٿو، جھيڙن جي نالن تي نو گو ايريا بڻائي ڏوهارين جا ڪٽڪ انهن علائقن ۾ بي خوفي سان گھمن ٿا جھيڙن جي نالي تي برادري ۽ علائقي مان لکن ڪروڙن جو چندو ڪيو ٿو وڃي وري جڏهن فيصلا ٿين ٿا ته خون، خونن ۾ لوڙهي ۽ وڌيڪ رقم گڏ ڪرڻ جي لاءِ ٻيهر چندا ڪيا ويندا آهن ملڪيتن تي قبضن ڪمزورن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
رياست جي وقار جو پهريون مرحلو انهيءَ جي رٽ ٿيندي آهي جڏهن رياست جي رٽ ناهي رهندي ته پوءِ هلڪا ڦلڪا گروهي مفاد ته پورا ٿيندا آهن پر رياست بري طرح سان ڪمزور ٿيندي ويندي آهي ۽ رياست جي ڪمزور ٿيڻ سان پورو انساني سماج ڪمزور ٿيندي انارڪي جي ور چڙهي ويندو آهي هن وقت سنڌ ۾ اهائي صورتحال آهي پوري سنڌ ۾ صرف ۽ صرف مافيائي راڪاس پوري وحشت ۽ دهشت سان ڦري رهيا آهن ۽ انهن جي وات مان معصومن جو خون ٽپڪي پيو ڪيتري نه شرمناڪ ڳالھه آهي جو انهن ئي بيهودا جھيڙن ۾ قتل ٿيل اجمل ساوند جو خون به قبيلائي لوفرائپ جي نالي لڙهي ويو ۽ هر روز سنڌ ۾ ڪيترائي معصوم قتل پيا ٿين ۽ انهن جا لاش لڙهن پيا ۽ خون بها جون تارازيون روز پيون تورن سنڌ حڪومت سڀ ڪجهھ ڏسڻ جي باجود ڪجهھ نه پئي ڏسي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيترو به ٻاڪاري سنڌ ۾ ٻڌو اڻ ٻڌو ساڳيا جرڳا ۽ ساڳيا عذاب.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button