ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هي ڪا جمهوريت جي خدمت ناهي…!

هن ملڪ ۾ جڏهن به ڪي غير معمولي قدم کنيا ويا آهن ته انهن جي قيمت سويلين قوتن کي ئي ادا ڪرڻي پئي آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته سويلين قوتن هميشه هاٿي کي هندستان ڏيکاريو، ۽ پوءِ “ٻلي شينهن پڙهايا، ڦر شينهن ٻلي ڪو کاوڻ آيا”! هي Mindless Practice ڪيستائين ڪندا رهنداسين؟ آخرڪار سويلين قوتون، ڪيستائين نان سويلين کي پنهنجو ڪلهو فراهم ڪنديون؟ ۽ پوءِ ٿيندو اهو ئي، جيڪو “ڪوري جي من ۾” هوندو!
جيڪڏهن ان Horror film کي وساري ڇڏجي، جنهن ۾ Monster جو ڪردار عمران خان ادا ڪري چڪو آهي ۽ ايندڙ سيريز ۾ به هو Big Brother جو ڪردار نڀائيندو ته ملڪ جي سويلين قوتن خاص ڪري پيپلز پارٽي ۽ ٻين جماعتن کي دل تي هٿ رکي سوچڻ گهرجي ته هو ڪنهن جي راند جو حصو آهن. هي به حقيقت آهي ته جنهن دور ۾ غير مقبول قدم کنيا ويا ته پيپلز پارٽي به انهن جو حصو هئي. هي ڳالهه انڪري چئجي ٿي ته اها تاريخي حقيقت آهي، پر ان سان پ پ جا مخالف به خوش ٿي سگهن ٿا، پر ن ليگ جي پيدائش کان وٺي، سواءِ انهن ڏينهن جي، جڏهن فوجي آمر انهن جي پٺيان لٺ کڻي نڪتا ۽ هنن کي مجبور ڪيو ويو ته هو ميثاق جمهوريت ڪن. هي بدقسمتي آهي ته جنهن دور ۾ ن ليگ حڪومت ايندي آهي ته نان سويلين قوتون وڌيڪ سگهاري انداز سان منظر تي سينو تاڻي مارچ ڪنديون آهن. هي به حقيقت آهي ته پ پ هجي يا ن ليگ، ٻنهي جي مقابلي ۾ جمهوريت جي پٺ ۾ جيترا ڇُرا عمران خان هنيا، ان جو ڪوبه مثال نٿو ملي. پر هاڻ جيتري خراب حالت پي ٽي آءِ جي ٿيندي، تاريخ ۾ شايد پول پاٽ کي به وساريو ويندو. هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو سويلين يا جمهوري حڪمراني جي خلاف ٿي رهيو آهي، ۽ هن سموري عمل ۾ اهي سياسي قوتون جن جون جمهوريت لاءِ قربانيون رهيون آهن، جن جا ڪارڪن اڄ به زندگي جي آخري ويڙهه وڙهي رهيا آهن، انهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي. انهن جن آدرشن لاءِ پنهنجا ڪيترائي نسل قربان ڪيا، پنهنجي اهل عيال کي انتهائي مشڪل صورتحال ۾ وڌو، هاڻ انهن جي سمورين آسن ۽ اميدن تي پاڻي ڦيريو پيو وڃي!
اسان سڀئي ٽي وي اسڪرين تي ۽ پنهنجن اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته ڪيئن، ان اداري تي چڙهائي ڪئي وئي، جنهن کي طاقت جي علامت سمجهيو ويندو آهي. هي اهڙا عمل آهن، جن کي ڪو به جسٽيفاءِ ڪري نٿو سگهي. پر جيڪي دشمنن سان جنگين وڙهڻ جا دعويدار آهن، انهن کان ٻه چار هزار پي ٽي آءِ جا Idiots رڪجي نه سگهيا؟
ملڪ ۾ تازو ئي سبوتاج واري صورتحال نظر آئي، ان کانپوءِ جيڪي قدم تجويز ڪيا ويا، اهي نه صرف ڪنهن مجاز اداري جي منظوري سان کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر ان لاءِ جنهن اختياري ۽ قانون جي ضرورت آهي اهو به ناهي. اسان واري عدليا جا حال ته سڀني کي ساريا پيا آهن، پر ججز جي عالمي پينل، جنهن ۾ 60 جج موجود آهن، انهن جي راءِ جي ڪا ته اهميت ٿي سگهي ٿي. International Commission of Jurists به پهريان ئي چئي چڪا آهن ته جيڪڏهن معمول جي عدليا جي مقابلي ۾ ڪنهن خاص عدليا کي قائم ڪيو ويو ۽ ان جي ذريعي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نه صرف انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿينديون، پر سويلين حڪمران جي اختيارن کي هي سمنڊ يا درياهه جيان پائڻ برابر ٿيندو. ان سان گڏ 1999 ڌاري، ان نوعيت جون جيڪي فوجي عدالتون قائم ٿيون، انهن کي متبادل عدالتي نظام جو نالو ڏنو ويو ۽ سموري دنيا ۾ هن ملڪ کي رسوائي کانسواءِ ڇا مليو؟
جيڪڏهن ملڪ ۾ حڪمراني نان سويلين جي هجي ۽ اهڙو عدالتي نظام متعارف ڪرايو وڃي، جنهن جي سزائن کي هينئر به سياسي ڪارڪن، خاص ڪري مارشل لا جي ڏينهن ۾ جيڪو ڪجهه انهن سان ٿيو، انهن جي جسم مان تڪليف جون سينڊون نڪري وڃن ٿيون. انهن ڪارڪنن جون پارٽيون به ساڳي نوعيت جي عدالتي نظام جي اجازت ڏين ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان تاريخ مان ڪوبه سبق نه سکيو آهي. هر ڀيري اسان پاڻ، پنهنجي خلاف سورن جو سامان تيار ڪندا آهيون ۽ پوءِ ان جو شڪار به ٿيندا آهيون. هي صورتحال نه ئي 1956، نه ئي 1977 يا 1999 يا ان کانپوءِ غير سياسي نظام جي پيٽ مان پيدا ٿي، پر اسان جا رويا هينئر به ساڳيا آهن. 2015 ۾ هي ساڳيو معاملو ورجايو ويو، پشاور واري سانحي کانپوءِ خاص حالتن جو اعلان ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته جوابدارن کي عام عدالتن ذريعي سزا ٻڌائي نٿي سگهجي، انڪري اهڙيون سخت عدالتون هجڻ گهرجن، جن مان جوابدار ڪنهن به صورت ۾ بچي نه سگهن. پر هي نه سوچيو ويو ته جنهن جوابدار کي سزا ڏيڻ جو سوچيو پيو وڃي، انصاف گهرجون پوريون ڪيون ويون يا نه؟ انهن کي پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ وڪيل به فراهم نه ڪيو ويو، هر ڏوهاري کي سزا ملڻ گهرجي، پوءِ ان کي فطري يا غير فطري عمل سڏيو وڃي، پر ان لاءِ اکيون ٻوٽي ڪو ڪم نه ڪرڻ گهرجي، اڄ توهان پنهنجن مخالفن سان جيڪو ڪجهه ڪندو، ان جي سزا سڀاڻي توهان جو دوست، به دشمن بڻجي توهان کي ڏئي سگهي ٿو. ان لاءِ انصاف جو نظام بلڪل شفاف هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ان خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ يا وري فوجداري قانون تحت ڪيس هلڻ گهرجي، پر ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته 22 ڪروڙ عوام مان زيرو پرسنٽ ماڻهن کي سزائون ڏيڻ لاءِ انتهائي قدم کنيا وڃن. هيل تائين، اهڙي نوعيت جون جيڪي به عدالتون قائم ٿيون، انهن جي فيصلن جو ڇا ٿيو؟ هڪ طرف ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ بدنامي ٿي، عوام جا وسيلا ضايع ٿيا، مٿان اهي ڏوهاري آجا به ٿي ويا. انهن چيو ته ان خاص قانون تحت ڪنهن به سويلين عدالت کي اپيل ٻڌڻ جو اختيار نه هوندو، پر پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس وقار سيٺ ڪهڙو فيصلو ڏنو؟ ملڪ جي اعليٰ عدالت انهن سزائن کي معطل ڪيو، ان سان گڏ اهي سزائون عمل جوڳيون به نه رهيون. خاص عدالتن قائم ڪرڻ جو اختيار ته وفاقي حڪومت جو هو، پر هن ڀيري پنجاب جي ڪابينا شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادار نظر آئي ۽ ان مليٽري ايڪٽ تحت سزائن ڏيڻ جو سگنل ڏنو! هي ڪنهن صوبائي حڪومت جو ڪم هو؟ هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، يا ٿيڻ طرف وڃي پيو، ان سان عارضي طور پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن کي سزائون ملي وينديون، ڪي نااهل به ٿي ويندا ۽ انهن کي ٿيڻ گهرجي، پر جيڪو مثال قائم ٿيندو، ان جو شڪار اهي ئي ٿيندا، جيڪي اهڙن قدمن تي يقين نٿا رکن. توهان نيب قانون ۾ ترميم کي ڏسو، عمران خان ته فوجي آمر پرويز مشرف جي قانون تي عمل ڪيو، موجوده حڪومت ان ۾ ترميم ڪئي ته فائدو وٺڻ لاءِ عمران خان اچي ويو ۽ ان ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج به ڪيو آهي! هي ته تاريخي کلواڙ آهي!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button