پاڻ ٻالڪپڻ ۾ وڏڙن کان جيڪي هدايتون ٻُڌيون يا ٻاراڻي نصاب ۾ جيڪي نصيحت واريون پَٽيون پڙهيوسين، تن ۾ اهو سيکاريو ويو ته “ڪُوڙ جا ڪي به پير ناهن ٿيندا” يا اهو ته “ڪُوڙ جي مُنهن ۾ اول آخر ڌُوڙ ئي پوندي آهي.” اهي ڳالهيون ته سورنهن آنا سيني سان سانڍڻ جهڙيون آهن ۽ اتهاس ۾ اهو سچ ثابت ٿيندو به آيو آهي پر پنهنجي پياري مُلڪ ۾ پاڻ مُني صدي کان تاريخ جي انهي ثابتي جي انتظار ۾ آهيون ته آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن هن ملڪ اندر جاري ڪُوڙ جي مُنهن ۾ ڌُوڙ پوندي!؟ گهڻو پري نه به وڃون، رڳو عمران خان جي سياسي قلابازين جو رڪارڊ ئي کڻي ڏسون ته هن ماڻهو هيستائين ڪيترو سچ ۽ ڪيترو ڪُوڙ ڳالهايو آهي؟ تڏهن به سموري ڳالهه ڇنڊجي ڇاڻجي سامهون اچي ويندي.
عمران خان جنهن پنهنجي سياست جي شروعات انصاف جي نالي ۾ ڪئي هئي، تنهن جي سياست کان اڳ واري سموري حياتي ناانصافيون ڪندي گذري. پوءِ اهي ناانصافيون هن پنهنجي ذاتي رشتن ناتن ۾ ڪيون هجن يا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان طور پنهنجين ساٿي رانديگرن سان. بهرحال انهن ٻنهي پاسن کان ڏسبو ته هي ماڻهو انتهائي بيمُحابو ۽ ٻين جو کٽيو کائيندڙ ئي نظر ايندو. پر اسان جي معاشري ۾ جيئن ته اهڙي روش گهڻو عيب نٿي سمجهي وڃي، تنهن ڪري عمران خان کي اهي سڀ رُکايون ڦٻنديون ويون ۽ سياست ۾ کيس آڻڻ وارن سندس اهڙو خاڪو چِٽيو جو ايئن لڳو ڄڻ ته عمران خان جهڙو ايماندار ۽ ڪردار جو بُلند شخص پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي رهيو ۽ ايئن همراهه کي ميلي ۾ لاٿو ويو.
بهرحال عمران خان جا لڇڻ جيئن ته اُهي ئي هئا جيڪي هئا، سو هو جيئن جيئن اڳتي وڌندو ويو، تيئن تيئن سندس مَڳي ۽ ڪُوڙن ۾ ويو اضافو ٿيندو. تان جو وڃي کيس بخشش ۾ مليل اقتدار پَٽ پيو. عمران جيئن ته دادلو ٻار رهيو آهي، سو جيئن ئي هن جو اقتدار ڍيري ٿيو، تيئن ئي هن جو مَٿو جاءِ نه رهيو ۽ کائنس اها ڳالهه وسري وئي ته هاڻ هو عوام سان جيڪي به ڳالهيون ڪندو، سي بيهي ڪونه سگهنديون. ڇاڪاڻ ته سندس ڳالهين جا پير کوڙائڻ وارا هن مان هٿ ڪڍي چڪا آهن. بس پوءِ يار ويو توائي ٿيندو ۽ هر ڏينهن نوان نوان ڪُوڙ گهڙڻ لڳو. انهن ڪُوڙن ۾ سڀ کان وڏو ڪُوڙ هن هڪ عوامي جلسي ۾ کيسي ۾ پنو ڪڍي لهرائيندي اهو هنيو ته کيس امريڪي سازش هيٺ لاٿو ويو آهي ۽ پوءِ لڳاتار همراهه پاڻ کي امريڪا مخالف ثابت ڪرڻ جي چڪرن ۾ ڦيرا کائيندي کائيندي اچي 9 مئي واري ماجرا تائين پهتو. هاڻ صورتحال اها آهي جو جيڪو عمران خان ڪالهه تائين امريڪا کي للڪاري رهيو هو سو اڄ رات ڏينهن وري پاڻ بچائڻ لاءِ امريڪا کي ئي پُڪاري رهيو آهي. امريڪا ۾ لابسٽ خريد ڪرڻ کان ويندي ذاتي لڳ لاڳاپن کي وچ ۾ آڻڻ تائين سندس ٻِچاپڙائي سموري دنيا ڏسي رهي آهي پر هن يار کي نه ته ڪا لڄ آهي نه لِيهه. الميو وري اهو به آهي ته سندس حمايتين تي به سندس ان ڪُوڙ جو ٽڪي جو به اثر نٿو پوي. سندس حمايتي جيڪي سياسي آهن ئي ڪونه ۽ انهن جو اٿڻ ويهڻ به گهڻو ڪري “عمراني روايتن” وارو ئي آهي، تنهن ڪري انهن مٿان نه ته عمران پاران امريڪا کي منٿون ڪرڻ واري نِرڄائي جو ڪوئي اثر ٿو پوي ۽ نه ئي عمران خان جي انهن فون ڪالز جو، جنهن ۾ سندس ڪردار جا ڪارا اڇا سموري جڳ جهان ٻُڌا.
ايئن آخر ڇو آهي!؟ اهو ان ڪري آهي جو هي رياست پنهنجي بنيادن ۾ ئي سچ مخالف رهي آهي. هتي ماڻهن کي ڪُوڙ تي هيرائڻ لاءِ رات ڏينهن ڪم ٿيندو رهيو آهي. هر محاذ تي ڪُوڙ ڳالهائي ڳالهائي ماڻهن کي ان جي اهڙي هير وِڌي وئي آهي جو هاڻ جيڪڏهن ڪو سچ ڳالهائي به ٿو ته ماڻهو ان سان سمهت نٿا ٿين. پر ڇا ڪُوڙ جو اهو ڪاروبار گهڻي دير هلي سگهندو؟ پنهنجي سمجهه ۽ حالتن جي روشني ۾ انهي سوال جو سڌو سنئون جواب نه ۾ آهي. دراصل هاڻ پنهنجن وڏڙن جي ڳالهه ثابت ٿيڻ جا ڏينهن ويجها اچي رهيا آهن. ها، اهو ڪُوڙ جيڪو ڪڏهن آمريتن دوران سياست سان مذهب کي سلهاڙڻ وارين ڪارين راتين ۾ هنيو ويو ته ڪڏهن انصاف جي نالي ۾ عمران خان جي صورت ۾، تنهن ڪُوڙ جون ٽنگون ڀڄي چُڪيون آهن ۽ سندس پير ڪوشش جي باوجود به هاڻ نٿا لڳن.