ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وائيوليٽا ۽ لاطيني آمريڪا جا سو سال

Editorial-Article- Kaleem Butt

سن 2022ع ۾ لاطيني آمريڪا جي مشهور ليکڪه اسابيل ايلنڊي جو ناول “وائيوليٽا” ڇپيو. ايئن ته هي ناول ڪورونا وائرس جي ڏينهن ۾ هڪ ناني جا پنهنجي ڏوهٽي ڪاميلو ڏانهن لکيل خطن واري انداز ۾ لکيل آهي. ناول لکڻ جو اهو انداز اپسٽلري سڏجي ٿو، جنهن ۾ خطن ذريعي ٻئي ڪردار سان مخاطب ٿبو آهي. پر هن ناول ۾ ايلنڊي لاطيني آمريڪا جي هڪ صدي جي جبر ۽ وحشت سان ڀريل تاريخ کي قلمبند ڪيو آهي.
هن ناول جي مک ڪردار وائيوليٽا نالي هڪ اهڙي مائي آهي جنهن جي ڄمار سو سال ٿي چڪي آهي. هو سن 1920ع ۾ ڄائي ته ان وقت دنيا ۾ اسپينش فلو جي وبا هئي ۽ جڏهن هو سو سالن جي ڄمار ۾ مري ٿي، تڏهن وري دنيا ڪورونا وائرس واري وبا کي منهن پئي ڏنو. هن ناول جا چار ڀاڱا آهن، جن جا نالا ايگزائيل، پيشن، ابسينس ۽ ري برٿ آهن. انهن ڀاڱن ۾ 28 باب ڏنل آهن.
“مان ڀانيان ٿي توکي لڳندو ته منهنجي زندگي جي ڪهاڻي منهنجي چڱاين کان وڌيڪ گناهن جي ڪري هڪ ناول لهڻي.” وائيوليٽا جو شروعاتي باب ۾ اهو جملو ئي پڙهندڙ جو تجسس وڌائي ڇڏي ٿو.
ناول جي پهرين حصي ۾ وائيوليٽا پنهنجي ڄمڻ جو ذڪر ڪري ٿي، انهن ڏينهن ۾ دنيا فلو واري وبا کي منهن ڏئي رهي هئي. هن جو جنم جمعي جي ڏينهن هڪ طوفاني شام جو ٿئي ٿو. وبا جي ڏينهن ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري هن جي پيءُ ڊي والي جو ڪاروبار ٺپ ٿي وڃي ٿو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن هو خودڪشي ڪري ڇڏي ٿو. اتان وائيوليٽا جي خاندان جو ڏکيو سفر شروع ٿئي ٿو. وائيوليٽا جو وڏو حوزي اينتينيو پيءُ جو ڪاروبار سنڀالي ٿو ۽ هي خاندان لڏپلاڻ ڪري نهول نالي ننڍڙي وسندي پهچي ٿو، جتي ڪابه ترقي نه پهچي سگهي آهي. اُتي ڪجهه هڪ جرمن خاندان اچي رهي ٿو. انهن جي هڪ ڇوڪري فيبن سان هو شادي ڪري ٿي پر هو هن شاديءَ مان مطمئن نه آهي، جڏهن ته فيبن جيڪو هڪ ويٽنري ڊاڪٽر آهي هن سان جنون جي حد تائين محبت ڪري ٿو. شادي جي ڪجهه وقت کانپو وائيوليٽا جولين برائو نالي هڪ همراهه سان پارٽيءَ ۾ ملي ٿي ۽ هن جي عشق جي ڄار ۾ ڦاسي پئي ٿي. هو جيولن سان ڀڄي وڃي ٿي، پر انهن ڏينهن ۾ جيئن ته شادي ڪرڻ کانپو طلاق جو تصور نه هوندو ان ڪري ٻئي ان ڳالهه جو انتظار ڪرڻ لڳن ٿا، اهو قانون اچي جنهن ۾ طلاق وٺڻ جي اجازت هجي. ان وچ ۾ به گيبن وائيوليٽا کي مڃائيندو رهي ٿو، پر هو هن ڏانهن نٿي موٽي. هن کي جيولن مان ٻه ٻار هڪ ڌي نيوسس ۽ حوان مارٽن ڄمن ٿا. جيولن هڪ عياش قسم جو مرد آهي، جيڪو ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرين سان جنسي لاڳاپا رکندو اچي ٿو.
ناول ۾ لاطيني آمريڪا جي ابتر سياسي ۽ سماجي حالتن کي سهڻي نموني چٽيو ويو آهي، هن ناول ۾ هڪ غار مان هڪ اجتماعي قبر ملي ٿي، جنهن ۾ فوجين 15 ماڻهن کي ماري اڇلايو. اهو قصو ايلنڊي جي اڳ ۾ لکيل ناول “آف لو اينڊ شيڊوز” ۾ پڻ پڙهڻ لا ملي ٿو. پر ان سڀ هوندي هن ناول جي سڀ کان اهم ڳالهه وائيوليٽا ۽ سندس ڌي نيوسس جي تعلق جي حوالي سان آهي. نيوسس ننڍي ڄمار کان ئي پيءُ سان رهڻ لڳي ٿي ۽ هن جي شخصيت مان ڏاڍي متاثر آهي، هو جيئن ئي وڏي ٿئي ٿي ته گهران ڀڄي وڃي ٿي ۽ انڊر ورلڊ جي ڊان سان شادي ڪري ٿي جيڪو هن کي مختلف بارن ۾ گانا ڳارائي ٿو. پنهنجي مڙس سان وڌيڪ نٿي هلي سگهي ۽ هن کي ڇڏي هڪ هپي واري زندگي گذارڻ لڳي ٿي، هو چرس ۽ هيروئين جي عادي ٿي پوي ۽ راهه ويندي هر مرد سان جنسي تعلق رکڻ شروع ڪري ٿي. ايتري تائين جو هو ريهبليٽيشن سيٽرن مان به ڀڄي وڃي ٿي. نيٺ هو پيٽ سان ٿي وڃي ٿي پر هن کي اها خبر ناهي ته ان ٻار جو پيءُ ڪير آهي. پيٽ سان ٿيڻ کانپو هو ما وٽ اچي رهي ٿي ۽ انهي عرصي ۾ ٻنهي ۾ هڪ گهرو لڳاپو پيدا ٿي پئي ٿو. هو ڪميلو کي ڄڻڻ دوران گذاري وڃي ٿي ۽ ڪميلو جي ناني ان واعدي سان ته هو جيڪو پيار ۽ وقت پنهنجن ٻارن کي نه ڏئي سگهي اهو هو ڪميلو کي ڏيندي.
هي ناول احساسن سان ڀرپور آهي ۽ ايلنڊي جي لکڻي جو ڪمال اهو آهي ته ناول پڙهندڙ کي حيرتن ۽ ارمانن جي هڪ الڳ جهان ۾ وٺي وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button