ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ساحلي پٽيءَ جون بنجر ٿيندڙ زمينون

Editorial

ماحولياتي تبديلين ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب جيڪي علائقا تباهه حال آهن، اتان جا ماڻهو بک ۽ بيروزگاريءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٺٽي جي ساحلي پٽي به انهن مان هڪ آهي. تنهنڪري ماڻهو هر حوالي سان پريشان آهن، نه ته اهي زراعت ۾ پنهنجو حصو پتي وجهي رهيا آهن ۽ نه ئي مڇي مارڻ انهن جي وس ۾ رهيو آهي. تنهنڪري هاڻوڪي صورتحال به گهڻي بهتر ڪونهي. گذريل ڪيترن سالن کان سامونڊي چاڙهه اتان جي زرعي زمين کي بنجر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کان سواءِ انهن جي گذر سفر جا وسيلا پڻ محدود ٿي ويا آهن. ان ڪري اتان جا مقامي ماڻهو اهي دانهون ڪندا رهندا آهن ته کين پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ مڇي مارڻ لاءِ بهتر ماحول پڻ فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان ٺٽي ضلعي جا ماڻهو دانهيندا رهيا آهن.
ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽيءَ ۾ لڌيا شاخ، ڄام واهه ۽ ڄام برانچ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. انسان، جانور، جيوت ۽ پکي پکڻ به پيئڻ جي پاڻيءَ لا سِڪي ويا آهن. پاڻيءَ جي بحران ساحلي پٽيءَ جي سوين ڳوٺن کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، جتان هزارين ماڻهو پنهنجا گهر، روزگار ۽ زمينون ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سڄي علائقي جا جر به کارا ٿي ويا آهن. ان حوالي سان بنجر ٿيل شاخن جي پڇڙي جي زميندارن ۽ آبادگارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شاخن ۾ سنڌو درياهه جي ڊائون اسٽريم مان پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي پر منڍ جا آبادگار غير قانوني واهه، ڪٽ ۽ دڪا لڳائي شاخن جو پاڻي کڻي وڃن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ساحلي پٽيءَ تائين پاڻي نٿو پهچي ۽ اسان جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. هنن چيو ته شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري اسان ڪوسٽل ايريا جا ماڻھو سخت پريشان آھيون، آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سبب منڍ جا زميندار ناجائز ڪٽ، اوور سائيز واٽر ڪورس ۽ غير قانوني شاخن تي دڪا لڳائي ويٺا آهن. اسان اهڙي ناانصافي خلاف ڪافي عرصي کان لاڳاپيل آفيسرن آڏو دانهيو آهي پر مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي. هتان جي ماڻهن جو گذرسفر زراعت ۽ مڇيءَ جي شڪار تي آهي. شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري زراعت نٿي ٿئي ۽ سمنڊ جي چاڙهه سبب ماڻهو مڇيءَ جو شڪار به نٿا ڪري سگهن، تنهنڪري بک ۽ بدحالي ماڻهن جو مقدر بڻجي وئي آهي.

اسين سمجهون ٿا ته ٺٽي جي ساحلي پٽيءَ تي آباد ماڻهن جو اهو حق آهي ته انهن کي سامونڊي چاڙهه کان بچايو وڃي ته جيئن انهن جي روزگار جا وسيلا بحال ٿي سگهن. ٻي صورت ۾ انهن جي لڏپلاڻ جو سلسلو جاري رهندو ۽ ان کان سواءِ اهي غربت جو شڪار به ٿيندا رهندا. هن وقت تائين سنڌ حڪومت ان پاسي ڌيان ڪونه ڏنو آهي، جيڪڏهن اتان جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ کان وٺي زراعت جي پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن ته حڪومت جي ذميواري ٿئي ٿي ته اها سندن سار لهي ۽ جيتري مدد ٿي سگهي ٿي سا ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ۾ سامونڊي تباهي رڳو ان پٽي تائين محدود ڪونه رهندي پر ان جو دائرو وڌندو رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button