ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران جي اڪيلائي

Editorial-Article- Umer Qazi

پاڪستان تحريڪ انصاف جون وڪيٽون مسلسل اڏامي رهيون آهن. ان پارٽيءَ جا اهي ماڻهو به عمران خان کي ڇڏي وڃي رهيا آهن، جن ڪپتان سان گڏ پارٽيءَ جو بنياد رکيو هو. ڪنهن کي معلوم هو ته ان پارٽيءَ جي سفر ۾ اهڙو موڙ به ايندو، جتي وڇوڙو اڻٽر بڻجي ويندو.
پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن ۾ هونءَ ته ڪيترائي اهم نالا آهن پر گذريل ڏينهن جڏهن ميڊيا تي ڊاڪٽر شيرين مزاريءَ جو نالو گونجيو ته عمران مخالف ميڊيا کي به ڪاوڙ اچي وئي ۽ هن به اهو سوال ڪرڻ شروع ڪيو ته هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي؟ جنهن ۾ هڪ پارٽيءَ جي اڳواڻن کي مجبور ڪري نه صرف پارٽيءَ پر سياست تان به هٿ کڻائڻ لاءِ هر اهو قدم کنيو وڃي ٿو، جنهن جو هو ذڪر به ڪري نه ٿا سگهن. ڊاڪٽر شيرين مزاري هڪ تمام لکيل پڙهيل ۽ باوقار سياستدان رهي آهي. هن پاران پارٽيءَ کي ڇڏڻ جو ڪو اصولي سبب هجي ها ته ان تي ڪو به ارهو نه ٿئي ها. پر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ هوءَ جهڙي طرح ڳالهائي رهي هئي. جهڙي ريت هن جي زبان جي بيان ۽ هن جي جسم جي ٻوليءَ ۾ واضح طور تي فرق محسوس ٿي رهيو هو، ان مان پوري پاڪستان کي اهو پيغام ملي رهيو هو ته عمران خان جون مضبوط وڪيٽون اڏامي نه رهيون آهن پر اهي اڏاريون پيون وڃن. ڇو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن آڏو هن وقت ٻه رستا آهن. هڪ ريل جو ۽ ٻيو جيل جو! جيڪڏهن هو ريل ۾ چڙهي روانا نه ٿا ٿين ته پوءِ انهن کي جيل وڃڻ قبول ڪرڻو پوندو. اهوئي سبب آهي ته 9 مئي جي واقعي کان پوءِ ڊاڪٽر شيرين مزاري پنج ڀيرا گرفتار ٿي چڪي آهي. جڏهن به هن جي هڪ ڪيس ۾ ضمانت ٿي رهي هئي ته هن کي ٻئي ڪيس ۾ اندر ڪيو ٿي ويو ۽ هن جون ضمانتون ڪرائيندي هن جي ڌيءَ به ٿڪجي پئي هئي ۽ هن به نيٺ پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي هئي ۽ چيو هو ته عمران خان کي صرف پنهنجو ۽ پنهنجي زال جو فڪر آهي.
عمران خان جي خودغرضيءَ جو اهو احساس تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي دلين ۾ انهن جا گهر وارا مسلسل پيدا ڪري رهيا آهن. هو انهن کي چئي رهيا آهن ته ڪنهن به قيمت تي انهن کي وڌيڪ ان شخص جو ساٿ نه ڏيڻ گهرجي، جيڪو انهن جو خيال نه ٿو رکي. جڏهن ته هن وقت عمران خان جي مٿان اهڙي تنقيد ڪنهن به طرح سان جائز محسوس نه ٿي ٿئي. ڇو ته عمران خان پاڻ ايتري مشڪل جو شڪار آهي جو هن کي پنهنجي جان آجي ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي ٿي پئي. هن گذريل ڏينهن عدالت ۾ اهو بيان ڏنو ته هو جڏهن به گهر مان نڪرندو آهي، هن کي پنهنجي زندگي خطري ۾ محسوس ٿيندي آهي.
عمران خان جا ساٿي ۽ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ هن وقت حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ پاران مڙهيل تڪليف ۾ آهن. انهن جو اهو موقف رد نه ٿو ڪري سگهجي ته هو رياستي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن پر انهن کي اهو به فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته پاڻ عمران خان ڪنهن سک ۾ نه ويٺو آهي. هن جي لاءِ اهو ممڪن هو ته هو ڪجهه وقت لاءِ ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ها ۽ حالتن جي تبديليءَ جو انتظار ڪري ها. پر هو پهرين ڏينهن کان وٺي پنهنجي ان موقف تي اٽل بيٺو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو ملڪ نه ڏيندو. هن جي اهڙي موقف سبب هن مٿان هن مهل تائين ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿي چڪا آهن. هو هڪ ڪيس ۾ ضمانت مس ڪرائي ٿو ته هن مٿان ڏهه ڪيس ٻيا داخل ٿي وڃن ٿا. ان حوالي سان عمران خان مٿان ميار رکڻ واجبي عمل ناهي. پر اهو ضرور آهي ته عمران خان پنهنجي سياست کي ان موڙ تائين آندو جو اڄ هن جي پوري پارٽي تمام وڏي تڪليف جو شڪار آهي ۽ هو پاڻ به ان تڪليف کي ڀوڳي رهيو آهي.
اهڙي ماحول ۾ هڪ پارٽي گهڻي دير تائين مزاحمت ڪري نه ٿي سگهي. اهوئي سبب آهي ته عمران خان جي پارٽيءَ هڪڙا اڳواڻ جيلن ۾ آهن ۽ ٻيا روپوش ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي پويان قانون پيل آهي. هو ڪنهن حال ۾ آهن؟ ان باري ۾ هن مهل تائين ڪا به رپورٽ آڏو نه آئي آهي. پر هو جنهن به حال ۾ آهن، اهو حال بيحاليءَ جو عڪاس آهي.
ڇا پاڪستان ۾ صرف هڪ سياسي پارٽي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي رهي آهي؟ پاڪستان جو پورو سياسي ڍانچو به ان عمل مان گذرڻ سبب ٽٽي رهيو آهي. هڪ اهڙو ماحول پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي مٿان مڙهيل بحران گهٽ ٿيڻ بدران تمام گهڻو وڌي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سياسي بحران ايترو ته وڌيل آهي جو ڪا به ڳالهه يقين سان ڪرڻ مشڪل ٿي پئي آهي. جنهن ڪيفيت مان اسان جو ملڪ گذري رهيو آهي، اهڙي ڪيفيت ڪنهن ٻي ملڪ ۾ ناهي. ايتري حد تائين جو هن وقت افغانستان جي عوام کي به معلوم آهي ته انهن جي هلندڙ ڏينهن جي دوران ڪا وڏي تبديلي نه ٿي اچي سگهي. پر پاڪستان جا ماڻهو بار بار موبائيل فون تي سياسي اپڊيٽس ڏين ٿا. انهن کي يقيني طور تي هڪ قسم جي بي يقيني آهي. انهن کي خوف به آهي. انهن کي خدشا به آهن. انهن کي اهو انديشو آهي ته ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ان قسم جي ڪيفيت ڪنهن به ملڪ جي عوام لاءِ بهتر نه هوندي آهي. ان قسم جي ڪيفيت ڪنهن ملڪ جي لاءِ به درست ٿي نه ٿي سگهي. ڇو ته ملڪ ڪڏهن به بي يقينيءَ جي ڪيفيت ۾ ترقي نه ڪري سگهندا آهن. جيڪڏهن پاڪستان ۾ گهڻي وقت کان وٺي ملڪي ترقيءَ جو ڦيٿو رڪيل آهي ته ان جو سبب اها بي يقيني آهي. اها بي يقيني نه هجي ها ته هوند پاڪستان جي سرزمين ۽ پاڪستان جي فطري پوزيشن اهڙي آهي جو هتي سيڙپڪارن جي لائين لڳل هجي ها. پر ڪوئي به سيڙپڪار پنهنجو سرمايو ان ملڪ ۾ ڇو لڳائيندو، جيڪو ملڪ نهن کان چوٽيءَ تائين بي يقينيءَ جي ڪيفيت ۾ مبتلا هجي.
پاڪستان ۾ ان بي يقينيءَ جو بنيادي سبب ڪهڙو آهي؟ ڇا پاڪستان کي اها ڪيفيت ورثي ۾ ملي آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي ڪا مصيبت ورثي ۾ به ملي ٿي ته هن جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجي ان حال کي تبديل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي اهو ڪجهه ڪري جنهن سان هڪ مشڪل مرحلي مان نڪري هڪ سڌي سنواٽي واٽ وٺي.
عمران خان آزمائش مان گذري رهيو آهي پر اصل ۾ عمران خان پاڻ هڪ علامت آهي. عمران خان علامت آهي، ان نظام جي ٽٽڻ جي جيڪو هن مهل تائين زوريءَ زبردستيءَ هلايو ٿي ويو. اهو نظام ختم ٿي رهيو آهي پر ان نظام جي متبادل هن مهل تائين ٻيو ڪو نظام پڌرو ٿي نه سگهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button