رانديون

پرتگالي سائيڪلسٽ گيروڊي اٽليا سائيڪل ريس جو 16هون مرحلو پنهنجي نالي ڪري ورتو

روم: پرتگالي سائيڪلسٽ جوا الميدا، گيروڊي اٽليا سائيڪل ريس جو 16هون مرحلو پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. اٽلي ۾ گيرو ڊي اٽاليا جو 106 هون ايڊيشن جاري آهي، جنهن ۾ سائيڪلنگ جي دنيا جا مشهور سائيڪلسٽ ٽائيٽل حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. گيرو ڊي اٽاليا سائيڪل ريس جي 16 هين مرحلي ۾، سائيڪل سوارن کي سببيو چيس کان مونٽي بونڊون تائين جو فيصلو ڪرڻو هو، جيڪا 203 ڪلوميٽرن جي ٽڪرين تي مشتمل آهي. 24 ورهين جي پرتگالي سائيڪلسٽ جوا الميدا شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي برطانوي سائيڪلسٽ گيرائنٽ ٿامس کي شڪست ڏئي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button