هن وقت قانون ۽ انصاف جي نالي ۾ “تحريڪ انصاف” سان جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ان تي هن جا ڪجهه اصول پرست مخالف به مخالفت ڪري رهيا آهن. مثال طور تي حامد مير ۽ شاهزيب خانزادي وارا سدائين عمران خان جي مٿان تهمتن جا تير وسائيندا رهندا هئا. هو اڄ به ڪپتان جا سياسي مخالف آهن. پر جيڪو ڪجهه پي ٽي آءِ سان ٿي رهيو آهي، اهو ڪجهه انهن کان به هضم نه ٿو ٿئي. ڇو ته انسان صرف حمايت ۽ مخالفت تائين محدود ناهي. هن ۾ ڪجهه سمجهه ۽ ڪجهه شعور به آهي. هن ۾ ڪجهه ذهن ۽ ڪجهه ضمير به آهي. اهوئي سبب آهي ته هن مهل تحريڪ انصاف جي مٿان مظلوميت جو پاڇو وڌي رهيو آهي.
تحريڪ انصاف کي هن جا پراڻا ساٿي ڇڏي رهيا آهن يا انهن کان تحريڪ انصاف ڇڏرائي پئي وڃي؟ اهو سوال هاڻي سوال نه رهيو آهي. ڇو ته هر ڪنهن کي معلوم آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي؟ وڏي ڳالهه ته هاڻي ان مٿان به ڪو راز نياز جو پردو نه رهيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪير رهيو آهي؟ پر اهو ڪجهه ڪرڻ سان هڪ سياسي پارٽيءَ کي ختم ڪري سگهجي ٿو؟
سوشل ميڊيا تي ڪجهه به چيو وڃي پر حقيقت اها آهي، جيڪا اسان جي آڏو تاريخ پيش ڪري رهي آهي. تاريخ جي تناظر ۾ جڏهن به اهو سول پڇيو ويندو ته ان جو هڪڙو ئي جواب ايندو ته ڪنهن به پارٽيءَ کي جبر سان ختم ڪري نه ٿو سگهجي. خاص طور تي پاڪستان جي سياست ته اسان کي اهوئي سمجهائي ٿي. هن وقت مارشل لا ناهي. پر جڏهن پاڪستان جي مٿان جنرل ضياءَ جي بدترين مارشل لا مسلط هئي. جڏهن پاڪستان جا جيل ڀريا ويا هئا. جڏهن جبر پنهنجي پوري انتها تي هو. ان مهل پيپلز پارٽيءَ کي مڪمل طور تي ڪرش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر ڇا ٿيو؟ ڇا پيپلز پارٽيءَ کي جنرل ضياءَ ختم ڪري سگهيو؟ جنرل ضياءَ جو فوجي راڄ پاڪستان جي مٿان پورا ڏهه سال ڏنڊو کڻي جبر جي تاريخ رقم ڪندو رهيو پر تاريخ گواهه آهي ته جنهن وقت جنرل ضياءَ هڪ هوائي حادثي ۾ ختم ٿي ويو ۽ ملڪ ۾ چونڊون ٿيون ته پاڪستان ۾ هر هنڌ تان پيپلز پارٽيءَ جا اميدوار ائين کٽڻ لڳا، جيئن انهن جو ڪنهن سان مقابلو ئي نه هجي. ڇا اها ڳالهه گهٽ آهي ته ان دور ۾ سنڌ اندر وڏا وڏيرا، سردار ۽ مير توڙي پير ائين هارائي ويا، جيئن انهن جي ڪا اهميت ۽ ڪا طاقت ئي نه هجي.
تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به ڪا تبديلي ايندي آهي، تڏهن وڏا وڏا پهاڙ ڊهندي دير نه ڪندا آهن. هن مهل تحريڪ انصاف جبر جي هيٺ آهي. ان ڳالهه جو مطلب اهو ناهي ته 9 مئي جي ڏينهن تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ٺيڪ ٿيو. ان کي هن مهل ٺيڪ ته پي ٽي آءِ وارا به ڪو نه ٿا چون. ڇو ته 9 مئي جا واقعا اهڙا موڙ بڻجي ويا آهن، جتان تحريڪ انصاف جو قافلو منتشر ٿيڻ لڳو. هن وقت عمران خان جي اڪيلائي تمام گهڻي تڪليف جو مظهر بڻيل آهي. اهو سڀ ڪجهه 9 مئي جي ڪري ٿيو. ان سلسلي ۾ هن مهل تائين اهو مطالبو تسليم نه ڪيو ويو آهي ته 9 مئي جي سلسلي ۾ ڪا اعليٰ ڪميشن قائم ڪجي ۽ ڏسجي ته اهو ڪجهه ڇو ٿيو، جيڪو ڪجهه هن مهل تمام وڏي تڪليف جو باعث بڻجي ويو آهي. اهو ڪجهه ڇو ٿيو، جيڪو ڪجهه بقول اسٽيبلشمينٽ جي ته پاڪستان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ رياست پاڪستان جو ابدي دشمن به نه ڪري سگهيو. اهو ڪجهه ڇو ٿيو؟ ان سوال کي صرف ڪجهه ڪيسن ۽ چند پريس ڪانفرنسن تائين محدود رکي اسان پاڻ کي بحيثيت ملڪ هڪ ٻيو دوکو ڏئي رهيا آهيون. ڇو ته اسان کي معلوم هجڻ کپندو آهي ته ڪنهن به شيءَ جا صرف اهي سبب نه هوندا آهن، جيڪي اسان کي بظاهر نظر اچن ٿا. شين جا تمام گهڻا ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا. انهن جي باري ۾ تحقيق به لازمي آهي.
پاڪستان ۾ هن مهل اڪثر عقل وارا حلقا ان ڳالهه تي اصرار ڪري رهيا آهن ته پاڪستان جنهن سياسي بحران جي ور چڙهي ويو آهي، ان مان نڪرڻ لاءِ هڪ “گرينڊ ڊائلاگ” جي ضرورت آهي. ڇو ته ان کان سواءِ اهو ڪجهه ٿي نه سگهندو، جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ اسان جي ذهنن ۾ هڪ سوچ اڀري ٿي ۽ اها سوچ وري ميسارجي به وڃي ٿي. پاڪستان ۾ سياسي قوتون جنهن حد تائين پهچي ويون آهن ۽ نئين دور ۾ سوشل ميڊيا سبب جيڪي تبديليون پيدا ٿيون آهن، انهن مان هڪ نئين راهه ڪڍڻ به لازمي آهي. ان مان هڪ نئين سوچ جو اڀرڻ به هڪ فطري عمل آهي. پر اهو ڪجهه نه پيو ٿئي ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو تمام گهڻي تڪليف وارو ٿي رهيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪي عمل ٿي رهيا آهن، انهن جو عذاب الڳ آهي.
تحريڪ انصاف ۽ ملڪ جون ٻيون سياسي پارٽيون جيڪي هن وقت به هڪ ٻئي سان ويهڻ ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو سياست جي ذريعي پاڪستان کي ڪنهن پار پهچائڻ جي سلسلي ۾ سنجيده ۽ سچيون آهن ته پوءِ انهن کي هڪ نئين شروعات جي باري ۾ نه صرف سوچڻو پوندو پر انهن کي ان سلسلي ۾ وک به وڌائڻي پوندي. ڇو ته جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته سياسي پارٽين ۽ خاص طور تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر وارين پارٽين جي وچ ۾ ويڇا ان حد تائين وڌيل هئا جو هو هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيون. جڏهن ته هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو انهن کي نه چاهيندي به هڪ ٻئي سان ويهڻو پوندو ۽ هڪ ٻئي سان ويچار ونڊڻا پوندا. انهن کي ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي ميدان تي اچي اهو ڪجهه ڪرڻو پوندو، جيڪو ڪجهه ملڪ جي مفاد ۾ هجي. جيڪڏهن اهو ڪجهه نه ٿيو ته پاڪستان کي جيڪو ڪجهه نقصان پهتو آهي، ان نقصان جي شدت اڃان به وڌي سگهي ٿي.
حڪومت جو اهو فرض آهي ته اها اڳتي اچي ۽ اهڙي ميڙاڪي جو بندوبست ڪري، جنهن سان ملڪ ۾ موجود بحراني واري ڪيفيت جو انت اچي سگهي. جيڪڏهن حڪومتي ڌرين اهو سوچيو ته هن مهل عمران خان عذاب ۾ آهي ۽ هن کي ان تڪليف ۾ تنها ڇڏجي ته سڀاڻي انهن جي مٿان به ان قسم جي آزمائش اچي سگهي ٿي. ان ڪري ملڪ ۽ معاشري جو ڀلو ان ۾ آهي ته هڪ نئين ابتدا جي لاءِ ماحول کي سازگار بڻايو وڃي. اهو ڪجهه ڪيو وڃي، جنهن سان ملڪ هن هيجاني ڪيفيت مان نڪري سگهي ۽ اهو قانون جو راڄ جيڪو بظاهر ختم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، اهو ٻيهر بحال ٿي سگهي. ممڪن آهي ته سياسي بحران گهٽجڻ سان معاشي بحران به گهٽجي.