ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ

Editorial

سنڌ ۾ زراعت لاءِ پاڻي ناهي ۽ شهرن ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ احتجاج به ٿيندا رهن ٿا پر وفاقي سرڪار جي ڪنن تي جون به نه ٿي چري. جڏهن ته سنڌ سان پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي زيادتين جو سلسلو به جاري آهي. هلندڙ مهيني ئي رپورٽ آئي هئي ته هر سال جيان هن سال به سنڌ کي پنهنجي حصي جو ۽ گهرج موجب پاڻي نه پيو ڏنو وڃي. سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏنو پيو وڃي.
سنڌ کي گهربل ۽ حصي موجب پورو پاڻي نه ملڻ سان وونئڻن توڙي سارين جي پوک سخت متاثر ٿيندي. رپورٽون آيون ته تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۾ پڻ پاڻي موجود آهي، ان جي باوجود سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏنو پيو وڃي. سنڌ ۾ پاڻي جي گهڻي گهرج آهي ڇو ته هتي وونئڻن جي پوک ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ سارين جي پوک پڻ شروع ٿيڻ واري آهي، ان کانسوا سنڌ ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ ٽيمپريچر پڻ وڌيل جنهن ڪري سنڌ کي هن وقت پاڻي جي وڌيڪ گهرج آهي، پر ان صورتحال ۽ ڊيمن ۾ پاڻي موجود هئڻ جي باوجود سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنهن سان وونئڻن ۽ سارين جي پوک سخت متاثر ٿيندي.
آبادگار اڳواڻ اهو مطالبو ڪري چڪا آهن ته گذريل سال جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي زراعت ۽ آبادگارن کي گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي هن سال سنڌ جي آبادگارن کي پوک جي مد ۾ سهولتون ملڻ گهرجن ها پر ويتر ان کي پنهنجي حصي جو ۽ گهرج موجب پورو پاڻي به نه پيو ڏنو وڃي.
حد اها آهي جو 91ع جهڙي تڪراري پاڻي ٺاهه تي به وفاق عمل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن مان به وفاق جي بدنيتي جي خبر پوي ٿي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سمنڊ ۾ درياهه جو پاڻي نه وڃڻ جي ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي، تنهنڪري ڊيلٽا کي پاڻي ڏيڻ ضروري آهي، پر سنڌ جي ان اهم مسئلي کي به وفاق خاطر ۾ ئي نه آڻيندو رهيو آهي . 91ع واري معاهدي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر اهو نه پيو ملي، اهڙي ناانصافيءَ خلاف سنڌ مختلف وقتن تي دانهون ڪندي رهي آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري ٺٽي ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ته پائي ويو آهي، پر ان سان گڏوگڏ وڏي پئماني تي ماحولياتي بگاڙ پڻ پيدا ٿيو آهي. ان جي ڪري نه رڳو انساني زندگي متاثر ٿي آهي، پر آبي ۽ جهنگلي جيوت کي به هاڃو رسيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ سان پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي هاڻي زيادتين جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو ۽ گهرج موجب پورو پاڻي ڏنو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته اها صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. نيٺ سنڌ سان پاڻي ورڇ جي معاملي تي ٿيندڙ اهڙي نا انصافي ڪڏهن ختم ٿيندي؟ اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻ ڏئي زراعت کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button