شوبز

بلاول ڀٽو ۽ بختاور جادوئي ڊرامي عينڪ والا جن جا مداح نڪتا

ٻارن ۾ مشهور 1990ع جي ڏهاڪي جي مشهور ڊرامي عينڪ والا جن جا تمام وڏا مداح هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا سان پوڊڪاسٽ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊرامي عينڪ والا جن ۾ حامون جادوگر جو ڪردار ڪري شهرت ماڻيندڙ اداڪار حسب پاشا انڪشاف ڪيو آهي تھ بلاول ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو جي ننڍپڻ وارن ڏينهن ۾ هي ڊرامي ڀٽو خاندان ۾ مقبول رهيو آهي، ڇاڪاڻ تھ ڊرامي جي ماسٽر ڪاپي بلاول هائوس موڪلي ويندي هئي، جتي بلاول ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو اسڪول مان واپسي تي اچي اهو ڊرامو ڏسندا هئا. هن جو چوڻ هو تھ عمران خان جي فنڊ ريزنگ تقريب ۾ بھ اسان عينڪ والا جن جي ڪردارن تي پرفارم ڪيو هو، ان تقريب ۾ ليڊي ڊيانا پڻ شريڪ ٿي هئي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو تھ بلاول ۽ بختاور وڏا ٿي ويا آهن، پر انهن ۽ عمران خان هاڻ اسان کي وساري ڇڏيو آهي. ميزبان جي هڪ سوال جي جواب ۾ حسيب پاشا چيو تھ پي ٽي وي چيئرمين عطاءُ الله قاسمي پنهنجي دور ۾ منهنجو نالو پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ لاءِ ڏنو هو، 4 سال لاڳيتو نالو ويندو رهيو، هڪ ڀيري ڪنهن ٻڌايو تھ منهنجو ايوارڊ مهوش حيات کي ڏنو ويو آهي، جنهن کي مان سڃاڻان ئي نٿو. هن چيو تھ مون کي خبر ناهي تھ اسلام آباد ۾ ڪهڙا شهنشاهه جنات ويٺا آهن، جيڪي منهنجو نالو اڳتي وڌڻ ئي نٿا ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button