اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ نه ته سياست پنهنجي پٽڙيءَ تي آهي ۽ نه وري سسٽم سڌي طرح سان هلي رهيو آهي. سياسي حوالي سان اسان جي ملڪ جي وڏي بدقسمتي اها رهي آهي ته ملڪ ۾ ڪڏهن به سياسي قوتون پاڻ ۾ گڏجي نه هليون آهن. آمريت جي سخت دورن ۾ سياسي پارٽين جا اتحاد به ٿيا آهن پر اهي اتحاد عارضي نوعيت جا ثابت ٿيا. آمريت وئي يا آمريت پنهنجو انداز تبديل ڪيو ۽ سياسي پارٽين جي اتحاد ۾ ڏار پئجي ويا. پاڪستان جو سياسي ماضي سياسي پارٽين جي پاڻ ۾ محاذ آرائي جي تاريخ آهي.
اها محاذآرائي ان وقت به هئي، جنهن وقت پاڪستان متحد هو. بنگال ۾ شيخ مجيب جي عوامي ليگ ڀرپور حيثيت سان کٽي آئي هئي ۽ اولهه پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي اڪثريتي پارٽي طور تي چونڊجي آئي. ان وقت جيڪڏهن ملڪ جون ٻيئي وڏيون پارٽيون پاڻ ۾ پاور شيئر فارمولا يا جمهوريت جي بنياد تي ڪو سمجهوتو ڪن ها ته ملڪ ٻه ٽڪر نه ٿئي ها. اها ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي ته سياسي پارٽين جي نفاق سبب ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو. تاريخ ڪڏهن به ان سانحي کي فراموش ڪري نه ٿي سگهي. ڇو ته اهو ايڏو وڏو الميو آهي، جنهن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهبو.
پاڪستان جي سياسي پارٽين کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته ملڪ جا ٻه ٽڪر ٿيڻ کان پوءِ به اسان جي سياسي پارٽين کي اها سمجهه نه آئي آهي ته هو پنهنجي منفي ماضيءَ مان سبق سکي سگهن. هو ماضيءَ مان سبق پرائي حال کي بهتر بڻائين. انهن کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن ملڪ جون جمهوري پارٽيون پاڻ ۾ متحد نه ٿينديون ته پوءِ ملڪ جو گاڏو مشڪل هلي سگهندو. پاڪستان ۾ هر سياسي پارٽي ٻين پارٽين جي مٿان تنقيد کي پنهنجو بنيادي فرض سمجهي ٿي. جڏهن اختلاف هوندي به اتحاد جي واٽ نڪري سگهي ٿي ۽ اها نڪرندي به رهي آهي. پر ڇا اهو ضروري آهي ته اسان وري هڪ ٻي مارشل لا تائين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا گريبان جهلي هڪ ٻئي سان جهيڙو ڪندا رهون. جڏهن به ملڪ جي فضائن ۾ اتحاد جو آواز اڀريو آهي ته عوام ان کي ڀرپور موٽ ڏني آهي. اسان جو عوام چاهي ٿو ته سياسي پارٽيون پاڻ ۾ متحد هجن. اسان جي پارٽين کي پاڻ ۾ ملڻ جي حوالي سان تمام گهڻا اعتراض آهن. انهن جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ سياسي پارٽيون مڪمل طور تي پاور جون مالڪ ٿيڻ چاهين ٿيون. انهن لاءِ اها ڳالهه قابل برداشت ناهي ته هو ڪنهن طرح سان پنهنجو پاور ٻين پارٽين سان ورهائي سگهن. ان کان سواءِ سياسي پارٽين جي وچ ۾ اهو به تمام وڏو مرض رهيو آهي ته هڪ پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سرڪاري طاقت جي زور تي پنهنجين مخالف پارٽين جي ڌرتي ٽامون ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي آهي.
پاڪستان جو موجوده سياسي منظرنامو به ڪجهه اهڙو آهي. اسان کي صاف نظر اچي رهيو آهي ته سرڪار ۾ موجود سياسي ڌريون مخالف ڌر ۾ موجود عمران خان کي ان صورتحال ۾ ڏسي تمام گهڻيون خوش ٿي رهيون آهن ۽ انهن کي جڏهن اهو چيو وڃي ٿو ته سڀاڻي اوهان مٿان اهڙي شامت اچي سگهي ٿي ته هو ان جي ڪا پرواهه ڪرڻ بدران پنهنجي عارضي فتح تي مسرت جو اظهار ڪن ٿيون. جڏهن ته انهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته هر فتح حقيقي طور تي فتح نه هوندي آهي. ڪي ڪي فتحون فتحن جي شڪل ۾ شڪستن جا انبار کڻي اينديون آهن. ان ڪري ڇا جيت آهي؟ ۽ ڇا مات آهي؟ ان سلسلي ۾ سوچڻ جي سخت ضرورت آهي.
پاڪستان ۾ ڪجهه وقت اڳ تائين حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ بيچين ۽ بيقرار هئي پر هاڻي جڏهن عمران خان آزمائش ۾ آيو آهي ته حڪومتي ڌريون عمران خان سان گڏ ويهڻ جي لاءِ تيار ناهن. جيتوڻيڪ عمران خان ڳالهين جي لاءِ ست رڪني ڪميٽيءَ جو اعلان به ڪيو آهي پر ان جي باوجود به حڪومت ان طرف ڪو ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار ناهي. ڇو ته ان کي عمران خان جي پريشانيءَ مان هڪ طرح جو سڪون محسوس ٿي رهيو آهي ۽ انهن جي خواهش آهي ته عمران خان سياسي طور تي ختم ٿي وڃي.
مسلم ليگ ن ته عمران خان کي ان لاءِ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، ڇو ته هو سمجهي ٿي ته عمران خان جي ڪري انهن کان اقتدار به ويو آهي ۽ اقتدار جو بنياد يعني انهن جو ووٽ بينڪ به عمران خان ڦريو آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي عمران خان سان ڪاوڙ جو رخ الڳ آهي. پيپلز پارٽيءَ کي عمران خان سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو تمام گهڻو شوق هو. گذريل چونڊن کان پوءِ جڏهن مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف آصف زرداريءَ کي گڏجي پنهنجو صدر آڻڻ جي پيشڪش ڪئي هئي ته آصف زرداريءَ چٽن لفظن ۾ چيو هو ته هو نواز شريف سان ڪنهن به قسم جو اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان جو ڪارڻ به اهو نه هو ته آصف زرداريءَ کي نواز شريف جي سياست سان اختلاف هو. ان جو سبب اهو هو ته هن کي ان وقت نواز شريف جي سياست جو سج لهندو نظر اچي رهيو هو. جڏهن ته عمران خان پنهنجي پوري جاهه جلال سان اڀري رهيو هو. اهڙي موقعي تي عمران خان سان هٿ ملائڻ آصف زرداريءَ لاءِ فائدي وارو هو. پر تمام گهڻو وقت ڪوششون ڪرڻ ۽ وڏي انتظار کان پوءِ به جڏهن عمران خان آصف زرداريءَ سان ويجهو نه ٿيو ته پوءِ آصف زرداريءَ پاران پي ڊي ايم ٺاهڻ وارو قدم کنيو ويو ۽ ان جو نتيجو اهو آهي ته هن وقت عمران خان عذاب جو شڪار آهي.
عمران خان سياسي پارٽين سان گڏجي ملڪ جي لاءِ جمهوري فضا کي مضبوط ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو قدم نه کنيو ۽ ان جو نتيجو اڄ هن جي سياسي اڪيلائي آهي ۽ سڀاڻي اها ساڳي صورتحال انهن پارٽين کي پيش اچي سگهي ٿي، جيڪي اڄ عمران خان سان هٿ ملائڻ جي لاءِ تيار ناهن. اها هڪ سادي حقيقت آهي ته پاڪستان جي سياسي پارٽين جي وچ ۾ نظرياتي اختلاف نه هجڻ جي برابر آهي پر اقتداري ڊوڙ ۾ هو هڪ ٻئي جون دشمن بڻجي چڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي جي لاءِ انهن جي ٻولي ٻڌي محسوس ٿئي ٿو ته انهن جو سياسي فضيلت سان ڪنهن به قسم جو ڪو تعلق ناهي.
ملڪي جي سياست ۽ ملڪ جو نظام اهڙي ماحول سبب تمام گهڻو متاثر ٿيل آهي. ان ڪري پاڪستان جا مجموعي ادارا ان پريشانيءَ مان گذري رهيا آهن ته آخر ڪهڙي طرح سموري انتشار کي ختم ڪري هڪ صاف سٿري سياست جي ابتدا ڪجي؟ پاڪستان ۾ سياسي انتشار پراڻو آهي ۽ ان جو حل به اڳوڻو آهي. حل اهو آهي ته سياست ۽ سسٽم کي سڌارڻ جي لاءِ سياسي قوتن کي هڪ ٻئي سان سياسي تعاون ڪرڻو پوندو.