پاڪستانسنڌ

نيوسعيدآباد ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

نيوسعيدآباد: نيو سعيدآباد تعلقي ۾ شھرين مسلم ليگ (ن) سنڌ جي نائب صدر رائو محمد اسلم راجپوت ۽ سول سوسائٽي نيوسعيدآباد جي چيئرمين عبدالواحد عمراڻي جي اڳواڻي ۾ سئي گئس جي ڊگھي لوڊشيڊنگ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. شھرين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته سئي سدرن گئس ھالا جو ڊويزنل مئنيجر ۽ سب زون نيوسعيدآباد جا عملدار اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري سازش تحت شھر جي گئس بند ڪن ٿا، جيڪو ظلم آهي، گئس جي ڊگھي لوڊشيڊنگ سبب گھرن ۾ چلھا اجھامي ويا آھن. ان موقعي تي ملي مسلم ليگ اڳواڻ قمرالدين ڪاڪا، شيراز ميمڻ، ياسين ڪيريو، عمران امتياز ميمڻ ۽ شھرين جو وڏو تعداد احتجاج ۾ موجود ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button