پاڪستانسنڌ

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي اسڪول ۾ تقريب، مائٽ ٻارن کي گهر ۾ به پڙهائين:پريم چند

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۾ سالياني امتحانن بعد رزلٽ ٻڌائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. پهرين کان اٺين ڪلاس جي پوزيشن هولڊر شاگردن ۾ هيڊماستر پريم چند، يوسي 25 جي چيئرمين اصرار شيخ، وائيس چيئرمين محمود شاهه، ڪائونسلر محمد عمران، ايس ايم سي چيئرمين دانش عباس، يوسي 48 جي وائيس چيئرمين ڀڳوانداس مڪواڻا، استادن عامر راهي، عارف لوڌي، ڪيلاش، سيد منور شاهه، شمس العارفين توڙي ٻين استادن ٽرافيون ۽ انعام ورهايا. ان موقعي تي ڪمپيئرنگ جا فرض عارف لوڌي سرانجام ڏنا. هيڊماستر پريم چند ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي، مائٽن کي گهرجي ته اهي ٻارن کي گهر ۾ به پڙهائين ۽ معلوم ڪن ته اسڪول ۾ ٻارن کي ڇا پڙهايو ويو ۽ لکرايو ويو، استاد ۽ والدين جي گڏيل ڪوششن سان ئي ٻار علم جي روشني ذريعي منزل تائين پهچي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button