ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب سياسي تبديليءَ لاءِ تيار ڪونهي

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

جڏهن عمران خان نيازيءَ جي اقتدار جو سج لهڻ وارو هو ۽ پي ڊي ايم هن خلاف عدم اعتماد آڻي رهي هئي تڏهن سندس چوڻ هو ته فوج هن صورتحال ۾ نيوٽرل ڪيئن ٿي رهي سگهي، نيوٽرل ته جانور هوندا آهن. پر سندس اهڙا تير جهڙا تکا جملا به فوج کي ان وقت عدم اعتماد روڪڻ لاءِ راضِي نه ڪري سگهيا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان نيازيءَ کي اقتدار اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ڪري مليو هو. جنهن جي حمايت ۽ جوڙ ٽوڙ جي ڪري کيس حڪومت ٺاهڻ ۾ آساني ٿي وئي پر مسئلو اهو هو ته انتظام ڪاريءَ جا معاملا هلائڻ ڪا اک جي ماکي ڪونهي. ان لاءِ ڪيتري ڏاهپ کپي ۽ ان لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي کپي اها خبر پي ٽي آءِ کي ڪونه پئجي سگهي. نتيجي ۾ اها ساڍن ٽن سالن کان مٿي اقتدار ۾ ته رهي پر اها نه ته پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري سگهي ۽ نه ئي وري ان جي سياست ۾ ڪا تبديلي اچي سگهي. عمران خان نيازيءَ جي سياست جو انداز اڄ به فاشسٽ آهي. هو نه ڳالهين تي يقين رکي ٿو ۽ نه ئي مسئلن کي گڏجي ويهي حل ڪرڻ جو حامي آهي.

اسٽيبلشمينٽ جي هاڻوڪين فائيلن ۾ پي ٽي آءِ تي منڌيئڙُو اچي ويو آهي. ان جا ڪيل عمل ملڪ خلاف ڪارروايون سمجهيون پيون وڃن ۽ ان کانسواءِ پي ٽي آءِ هن وقت جنهن سياسي سوچ کي کڻي پئي هلي ان نه رڳو پي ٽي آءِ جي پنهنجي قبر کوٽي ڇڏي آهي پر اها ملڪ لاءِ هڪ تباهي آڻيندڙ سوچ آهي. 9 مئي جي واقعن کي ڏسي ڪن ماڻهن کي لڳو ته پنجاب ۾ سياسي سجاڳي اچي وئي آهي ۽ اتان ئي انقلاب جو سج اڀرندو پر پنجاب پنهنجي سياسي تاريخ ۾ ڪڏهن به مزاحمتي ڪردار ادا ڪونه ڪيو آهي. اهو پنجاب ڪڏهن به سياسي تبديليءَ لاءِ اڳيان ڪونه وڌيو آهي. سياسي تبديليءَ جو مطلب پنجاب مان (ن) ليگ جي حڪومت ختم ڪري پي ٽي آءِ جي حڪومت قائم ڪرڻ ناهي پر ان جو مطلب هڪ اهڙي تبديلي آهي، جيڪا سڄي ملڪ کي لوڏي رکي. جيڪا سويلين بالادستيءَ کي انهن قوتن جي آڏو اچي بيهاري جيڪي سويلين کي ڪنهن ليکي به ڪونه آڻيندا آهن. تنهنڪري ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جيڪي ڪجهه پنجاب ۾ ڏٺو اهو بس هڪ هوا سان ڀريل ڦوڪڻي مثل هو. جنهن جي هوا هاڻ نڪري چڪي آهي. جيڪڏهن اهو سڀڪجهه ڪنهن سياسي تبديليءَ جو اهڃاڻ هجي ها ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ ايترو تيزيءَ سان پي ٽي آءِ ڪونه ڇڏين ها پر اهي جيل ڪاٽڻ لاءِ تيار رهن ها، اهي هر اها سختي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ها، جيڪي ڪنهن زماني ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڀوڳيون آهن.
پر جيئن ته پي ٽي آءِ جي گهڻن اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ڪا سياسي تربيت ڪونهي، ڪو سياسي پسمنظر ڪونهي، تنهنڪري اهي ٿوري وقت ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. اڄ جڏهن اهي ماڻهو هڪٻئي پويان پي ٽي آءِ ڇڏي رهيا آهن ۽ عمران خان نيازيءَ کان موڪلائي رهيا آهن ته عمران خان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته سياست ۾ ڪو به سياسي اڳواڻ پٿر تي ليڪ ڪونه هوندو آهي ۽ اهو ماضي جو قصو ٿيندي دير ڪونه ڪندو آهي. ڪالهه عمران خان نيازي وزير اعظم هو ۽ اڄ هو ڪجهه به ناهي.
جيڪڏهن فوج اهو فيصلو ڪيو هو ته اها سياست ۾ مداخلت ڪونه ڪندي ۽ سياستدانن کي اها اجازت ڏيندي ته اهي سياسي معاملا حل ڪن تڏهن عمران خان نيازي هڪ ڀيرو وري فوج کي دعوت ڏئي رهيو آهي ته اها سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪري. ملڪ جي معيشت ڪيئن هوندي اهو معاملو سياستدانن کي طئي ڪرڻو آهي. ڪهڙي ملڪ سان ڪهڙي نوعيت جا لاڳاپا رکڻا آهن، اهو به سياستدانن کي طئي ڪرڻو آهي. تنهنڪري عمران خان نيازي جيڪڏهن هڪ ڀيرو وري فوج کي سياست ۾ مداخلت ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهي ته هو فوج جي ڪردار کي سياسي ڪري رهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ملڪ جي فوج سڌي يا اڻ سڌي ريت سياسي حڪومتن تي اثرانداز ٿيندي رهي آهي ۽ ان اقتدار به سنڀاليو آهي پر اها به معاشي معاملن کي ٺيڪ ڪونه ڪري سگهي آهي.
پي ٽي آءِ پنهنجو زمانو گذاري چڪي آهي. هاڻ اها پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، ان سڄي هڻ وٺ ۾ هڪ ڀيرو وري اهو ثابت ٿي ويو آهي ته پنجاب سياسي طور ڪڏهن به تبديليءَ لاءِ تيار ناهي ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button