ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هي فلم ڪيستائين هلندي!؟

Editorial-Article- Irshad Leghari

هڪڙي فلم آهي جيڪا پاڻ مُني صدي کان لڳاتار ڏسندا پيا اچون. ساڳيو اسڪرپٽ، ساڳيا ڊائلاگ، ساڳيا هدايتڪار ۽ ساڳيا سيڙپڪار!! بس انهي فلم جو جيڪڏهن ڪوئي مختلف پاسو رهيو آهي ته اهو آهي وقت جي حساب سان اداڪارن جي مٽا سٽا. اها فلم جنهن ۾ هلندي هلندي هيرو اوچتو ڦِري ولن ٿيو وڃي ۽ وِلن هيرو، تنهن فلم جي هن وقت جيڪا شوٽنگ هلي رهي آهي، تنهن ۾ ڪالهه جو هيرو اڄ جو وِلن بڻيل آهي ۽ انهي اداڪار کي پاڻ سڀ سڃاڻون ٿا. ها اهو اداڪار پاڻ ڪيئن نه سڃاڻينداسين؟ جو انهي اداڪار پاڻ پنهنجي ويڳيل مٿي ۾ اهو گُمان اُڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هن کان وڌيڪ نه ته ڪو مشهور اڳواڻ پيدا ٿيو آهي ۽ نه ئي ايماندار توڙي قابل!! ان همراهه جو نالو آهي عمران خان.
هاڻ اچو ته انهي همراهه جي هيستائين جي ڪارگذاري جو مختصر ڇيد ڪري ڏسون ته هي يار ڪيترو مشهور، ايماندار يا قابل آهي. سڀ کان اول سندس مشهوري جي پاسي ڏانهن اچي ڏسنداسين ته هائو ٻيلي همراهه مشهور برار رهيو آهي. نه فقط ملڪي سطح تي پر عالمي سطح تي پڻ سندس “هُو هَوا” رهندي آئي آهي. هائو پر اِتي سوال اڳيان اهو آهي ته هي يار ڪهڙي ڳالهه جي ڪري مشهور هو يا آهي؟ ته پوءِ سائين منهنجا همراهه جي مشهوري جو هڪڙو سبب رهيو آهي ڪرڪيٽ ۽ ٻيو جيڪو پاسو آهي، تنهن جو پاڻ هتي ذڪر نٿا ڪري سگهون. ڇاڪاڻ ته انهي پاسي بابت سوشل ميڊيا تي جيڪي آڊيو يا تصويري تفصيل اچي چڪا آهن، تنهن کان پوءِ پاڻ کي اجايو هتي وقت وڃائڻ جي ضرورت ناهي. بلڪ ڪجهه حلقن ته همراهه جون اهڙيون وڊيوز به ڏٺيون آهن جو وڃي ٿيا سَت خير!! بهرحال پاڻ وري به ان تناظر ۾ هڪڙي وضاحت ڪندا هلون ته اهو سندس ذاتي زندگي وارو پاسو آهي، جنهن ۾ اجايو جهاتي پائڻ مناسب ناهي. پر پاڻ وڃون به ته آخر ڪيڏانهن وڃون؟ جو چون ٿا جڏهن ڪير عوامي سياست جي وچ سِير ۾ لهندو آهي تڏهن سندس ذاتي زندگي وارو پاسو گهڻو پويان رهجيو وڃي ۽ سندس هر عمل تي عوام جي اک هوندي آهي. سو اهڙي اک عمران خان تي به اوس اچڻي هئي. ها سو ان حوالي سان عمران خان مشهور برابر رهيو آهي ۽ کيس اهڙي مشهوري تي ناز ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي.
هاڻ اچون ٿا ايمانداري واري پاسي ته ان حوالي سان بهتر اهي ٻڌائي سگهن ٿا، جن ساڻس سالن جا سال ڪرڪيٽ کيڏي آهي. سندس ٽيم ۾ رهندڙ رانديگرن مان هڪ ٻن کي ڇڏي ڪري باقي جاويد ميانداد جهڙن جا جيڪي ڏک رهيا آهن، سي ثابت ڪن ٿا ته عمران خان راند جي وهنوار ۾ سدائين ٻين جو پورهيو پنهنجي کاتي ۾ ڳڻائيندو رهيو ۽ اها پنهنجي خيال ۾ ايمانداري واري روش ڪانه چئبي. وري جو همراهه آيو سياست ۾ يا ايئن کڻي چئون آندو ويو تڏهن سڀني کي چورچور چئي آخر ۾ پنهنجي چئوڌار وڏا وڏا چور گڏ ڪري نه فقط کين نوازيندو رهيو پر تڪڙيون تڪڙيون تبديل ٿيندڙ پنهنجين گهر وارين جون فرمائشون پوريون ڪرڻ جي چڪر ۾ پاڻ به ملڪي مال خاني مان مال هڻندو رهيو. ايئن سندس ايمانداري واري دعوا به سچي ثابت ڪانه ٿي سگهي.
باقي يار اهل ڪيترو آهي؟ انهي سوال جو جواب سندس عمل مان پڌري پٽ پيو آهي. کيس جيڪو موقعو مليو تنهن ۾ سماج اندر هڪ ذرو به عوام لاءِ بهتر ڪرڻ بدران رڳو مخالفن خلاف تقريرون ڪندي وقت وڃايائين. ورزشون ڪيائين ۽ پنهنجا پراوا وار ٺهرايائين، وزيراعظم هوندي پارليامينٽ جي لڳاتار نفي ڪيائين ۽ نيٺ پنهنجي هٿان پنهنجون صوبائي حڪومت ٽوڙي پوٺي تي اچي بيٺو. جڏهن سياسي ڌريون کيس ڳالهين جو چونديون رهيون تڏهن ڳالهين کان انڪار ڪندو رهيو ۽ هاڻ وري ڳالهين لاءِ رات ڏينهن منٿون ڪرڻ ۾ پورو آهي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سياست جي ميدان ۾ جيڪا اهليت گهربل آهي، سا منجهس سِري کان وٺي ڪانه هئي. هن کي ته مڙهيو ويو هو ۽ جڏهن هن مان هٿ ڪڍيا ويا ته کيس ايتري به سمجهه ناهي جو پنهنجا پير سنڀالي سگهي.
بهرحال عمران خان واري فلم جو اهڙو انجام سمجهدارن کي ته اول ڏينهن کان سمجهه ۾ آيو ٿي، بس جيڪڏهن ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته خود عمران خان کي نٿي آيو. پر هاڻ کيس ڪير وڃي سمجهائي ته ڀائو!! فلم جا اداڪار مٽجي چڪا آهن ۽ توهين هاڻ ماٺ ڪري گهر ڀيڙا ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button