ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برساتون: حڪومت جي ڪهڙي تياري آهي؟

Editorial

سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. ڪالهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي وڏ ڦڙي سان ته ڪٿي ڳڙن سان برسات وسي هئي. جنهنڪري روزمره جي زندگي پڻ متاثر ٿي هئي. برساتن جي اڳڪٿي سدائين ٿيندي رهندي آهي پر اصل ڳالهه ان گهربل تياريءَ جي هوندي آهي، جيڪا هتان جي انتظامي ادارن کي ڪرڻ گهرجي. گذريل ڪيتري عرصي کان اها تياري ڪٿي نظر ڪونه ٿي اچي، جنهن جي نتيجي برساتن سبب جيڪا تباهي ٿئي ٿي سا عوام کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. اها تباهي عوام کي معاشي نقصان ڏيندي آهي ۽ ان کانسواءِ اها تباهي گهڻو ڪري انهن ماڻهن جي ٿيندي آهي، جيڪي اڳ ئي ڏتڙيل هوندا آهن يا وري انهن جي ڪمائيءَ جا وسيلا محدود هوندا آهن. گذريل سال جڏهن ٻوڏ آئي هئي ته ان لاءِ به اڳواٽ تياري نه هئڻ برابر هئي. ان ٻوڏ ۾ جيڪي ماڻهو دربدر ٿيا، انهن جي مڪمل طور بحالي ڪونه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت جي به اها ذميواري هئي ته اها انهن دربدر ٿيل ماڻهن کي جيترو جلدي ٿي سگهي ها، بحال ڪرائي ها ۽ انهن کي اهي گهربل سهولتون فراهم ڪري ها، جيڪي انهن جو حق آهن.

ڪالهه جڏهن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات وسي رهي هئي ته مٺيءَ ۾ ميلي تي ويندڙ پانڌيئڙن تي کنوڻ ڪرڻ سبب 6 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. گذريل ڪجهه سالن کان ٿر واري پاسي ان قسم جا واقعا گهڻا ٿي رهيا آهن، ٿي سگهي ٿو، ان جو سبب معدنيات هجي پر کنوڻ ڪرڻ جا واقعا اتي هر سال ٿيندا رهندا آهن. ان ڪري اهو جاچڻ جي ضرورت آهي ته اهي ڪهڙا سبب آهن، جو ٿر ۾ ئي کنوڻ ڪرڻ جا گهڻا واقعا ٿي رهيا آهن. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان کانسواءِ اهو پڻ جاچڻ جي ضرورت آهي ته ضلعي ۽ تعلقي سطح تي هن سال برسات سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کان بچڻ لاءِ اتان جي انتظاميه ڪهڙا ڪهڙا اپاءَ ورتا آهن. ڇاڪاڻ ته اڻپورا انتظام هئڻ جي ڪري نه رڳو عوام لاءِ پريشانيون وڌنديون آهن پر انتظامي ادارن جي ڪارڪردگي به وائکي ٿي ويندي آهي. تنهنڪري اهو پڻ ڏسجي ته ڇا سنڌ حڪومت پنهنجي عوام کي برسات جي تباهڪارين کان بچائڻ لاءِ سڀئي بندوبست ڪري ورتا آهن. سو هاڻوڪي وسندڙ برساتن کي معمولي نه سمجهيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪين برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري ضروري آهي. خاص طور تي ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته قدرتي وهڪرن تي ڪنهن به قسم جون ڪي رنڊڪون نه هجن. قدرتي وهڪرن تي اڄ به قبضا ٿيل آهن، بااثر ماڻهو اهي قبِضا ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونه آهن، جنهنڪري برساتن جي پاڻيءَ جو ڇوڙ بهتر نموني ڪونه ٿو ٿئي ۽ اهڙي ريت برساتن جو پاڻي ڳوٺن، ٻنين ۽ شهر ۾ بيهي رهندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر سطح تي بندوبست ڪيا وڃن ته جيئن ماڻهن جون پريشانيون گهٽجي سگهن ۽ ان کانسواءِ هاڻوڪيون برساتون زحمت ٿيڻ بدران ماڻهن ۽ هر جيوت لاءِ رحمت ثابت ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button