پاڪستانسنڌ

مٺي لڳ وڄ ڪرڻ سبب فوت ٿيل 6 ماڻهن جو ڌار ڌار اگني سنسڪار

مٺي: مٺي ڀرسان برسات دوران وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيل پاربرهم جي ميلي جي 6 ياترين جون آخري رسمون مٺي ۽ ڳوٺ ساتار ۾ الڳ لڳ ادا ڪيون ويون. جڏهن ته دردناڪ واقعي سبب مٺي ۾ سوڳ ڇانيل هو ۽ واپارين سوڳ ۾ سڄو ڏينهن ڪاروبار بند رکيو. شھر جي ٽن فوتين گووند عرف گوڀي سوني، سنتوش سوني ۽ 15 ورهين جي وويڪ لهاڻو جو شمشان گهاٽ ۾ اگني سنسار ڪيو ويو، فوتي ويلو ڪولهي، لالو ڪولهي ۽ ڀلجي ڪولهي جون آخري رسمون واقعي واري هنڌ ڀرسان سندن ڳوٺ ساتار ۾ ادا ڪيون ويون ۽ کين اگني سنسار ڪيو ويو، آخري رسمن ۾ مٺي جي واپارين ڪاروبار بند رکي سوين شھرين شرڪت ڪئي، فوتين جي گهرن ۾ روڄ راڙو ۽ ڪهرام متل هو. ٻئي طرف سول اسپتال ۾ داخل وڄ ڪرڻ جي زخمي 9 متاثرن جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي وڃي ٿي. ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر هرچند پاران پيش آيل واقعي جي رپورٽ صحت کاتي جي اختيارين ڏانهن اماڻي ڇڏي آھي، جنهن ۾ وڄ ڪرڻ سبب 6 ڄڻن جي فوت ۽ 9 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي. ٻئي طرف ضلعي انتظاميا فوتين جي وارثن جي ڪابه پرگهور نه لڌي، پر اخلاقي همدردي ڪرڻ جي به زحمت نه ڪئي. واضع رهي ته ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ ويڙيجهپ ويندڙ ڇڙي صاحب جي پيادل قافلي مٿان وڄ ڪرڻ سبب 6 ياتري فوت ۽ 9 زخمي ٿيا هئا. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين پيش آيل واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان خط ۽ فون ذريعي تعزيت جو اظھار ڪيو. پ پ ضلعي صدر انجنيئر گيانچند، خاص معاون پونجو مل ڀيل ۽ نند لال مالهي سميت ٿر جي پ پ اڳواڻن ۽ مختلف سياسي سماجي توڙي سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ واپارين فوتين جي وڇايل الڳ الڳ تڏي تي وڃي تعزيت جو اظھار ڪيو. ٻئي طرف ڊي سي ٿرپارڪر لال ڏنو منگي وڄ ڪرڻ سان فوت ٿيل 6 ٿرواسين جي خاندان کي معاوضو ڏيارڻ لا سنڌ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ ڊي سي ڄاڻايو آهي ته فوت ٿيل ماڻهو انتهائي غريب آهن، جن جي وارثن کي رليف کاتي ذريعي معاوضو ڏنو وڃي. ڊي سي لال ڏنو منگي خط جي ڪاپي وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري سنڌ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، رليف ڪمشنر سنڌ، ايڊيشنل رليف ڪمشنر سنڌ حيدرآباد سميت ٻين لاڳاپيل کاتن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button