پاڪستانسنڌ

ڏاهلي ۾ 2 معصوم ڀائر گهر اندر ٽانڪي ۾ ڪري ٻڏي فوت

ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي ۾ معصوم 2 سڳا ڀائر پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ واڙل ۾ پورهيت عبدالرزاق راهمون جا 2 معصوم ٻارڙا 6 سالن جو شاهنواز ۽ سندس ڀا 4 سالن جو علي نواز راهمون گهر اندر ٺهيل پاڻي جي ٽانڪي اندر ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا، وارثن ٻارڙن کي ڪجهه دير بعد سنڀاليو ۽ ڳولا ڪئي ته پاڻي جي ٽانڪي اندر مليا، وارثن ٻنهي ڀائرن کي ٻاهر ڪڍي ڳوٺ رڙاڪر جي اسپتال کڻائي ويا، جتي ڊاڪٽرن ٻنهي ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. معصوم ڀائرن جا لاش گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو، سندن ما ۽ پي کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. واقعي تي سڄي ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button