سنڌ

اسڪول وينز ۽ ڪوسٽرز مان سي اين جي ڪٽون هٽايون وڃن:شرجيل ميمڻ

اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سڄي سنڌ ۾ ھلندڙ اسڪول وينز ۽ ڪوسٽرز مان فوري طور تي سي اين جي ڪِٽ ھٽائڻ لاءِ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اھو به فيصلو ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ جتي به بغير قانوني بس اسٽينڊ آھن، اُنھن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ ملوث ڌرين خلاف سخت ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت کي ھدايتون ڏنيون ته غير قانوني بس اسٽينڊ ھلائڻ وارن خلاف ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي خط لکيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ جلد کان جلد ڪارروائي عمل ۾آندي وڃي. اجلاس ۾ غير قانوني بس اسٽينڊ ھلائڻ وارن خلاف ايف آءِ آرون ڪٽڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اھو به فيصلو ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جا جيترا به بس اسٽينڊ آھن، اُنھن تي غير قانوني قبضا فوري طور تي ختم ڪرايا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين کان مدد ورتي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button