پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم اڳواڻ ڪارڪن سميت کنڀجي ويو، احتجاج

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي ۽ ڪارڪن روشن ٺاڪر کي پوليس عدالت ۾ پيشي کان اڳ مبينا طور کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف جسقم ڪارڪنن احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ ٽنڊو محمد خان جي عدالت ٻاهران پيشي تي آيل جسقم اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي کي پوليس سندس ساٿي ڪارڪن روشن ٺاڪر سميت کنڀي مبينا طور گم ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف جسقم ڪارڪنن ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، احتجاج ۾ جسقم جي گرفتار اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي جي ما مريم خاتون، روشن ٺاڪر جي ما پاروتي، قومپرست عوامي اتحاد جي جاويد هاليپوٽو، جسقم جي رزاق خاصخيلي، راجيش ٺاڪر، سڪندر سنڌي، انور لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جن چيو ته پوليس وڏن اٽالن سان پيشي تي آيل جسقم جي اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي کي سندس ساٿي ڪارڪن روشن ٺاڪر سميت نامعلوم هنڌ کنڀي کڻي وئي آهي، پوليس گرفتاري ظاهر نه ڪري کين بنا ڏوهھ جي ڪوڙو پوليس مقابلو ڏيکاري قتل ڪري سگهي ٿي، جنهن جي ڪري سندن حياتين کي خطرو آهي، گرفتار ڪيل اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. ٽنڊو محمد خان جي بي سيڪشن ٿاڻي تي جسقم اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي، روشن ٺاڪر ۽ هڪ نامعلوم خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدرآباد-بدين روڊ تي خالق خاصخيلي، روشن ٺاڪر سميت 3 جوابدار موٽرسائيڪل تي سوار ٿي پوليس تي فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويا، پوليس نفري طلب ڪرڻ بعد 3 ئي جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس استعمال ڪيل سي ڊي موٽرسائيڪل کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو، داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ٽنهي جوابدارن کي فرار ڏيکاريو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button