پاڪستانسنڌ

ميرپور بٺورو لڳ گهر جي ديوار ڪرڻ سبب نوجوان فوت

ميرپور بٺورو: ميرپور بٺورو لڳ ڳوٺ حاجي خميسو چانڊيو ۾ گهر جي پراڻي ديوار ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ڳڀرو 28 ورهين جو مير حسن چانڊيو پٽ محمد عمر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان نوجوان کي حيدرآباد سول اسپتال نيو ويو، جتي علاج دوران نوجوان فوت ٿي ويو، سندس مڙهه ايمبولينس ذريعي ڳوٺ حاجي خميسو چانڊيو آندو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، نوجوان ما پي جو اڪيلو پٽ هو، مرحوم کي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ شهرين، صحافين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button