جن معاشرن ۾ رياست جو ڪردار عوام جي لاءِ نالي ماتر هجي ٿو اتي فرد جا مسئلا جيڪي سماجي، معاشي ۽ سياسي هجن ٿا اهي انتهائي منجھيل، پيچيدا رهن ٿا. رياست جا ادارا پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض هر فرد جي لاءِ ادا ناهن ڪندا، تنهن ڪري اهي فرد جيڪي رياست جي ادارن ۾ هجن ٿا (ملازمت جي اهم عهدن تي) انهن کي تمام گھڻي سهولت مليل هوندي آهي ۽ اهي فرد جيڪي دولتمند طبقي سان تعلق رکن ٿا اهي به رياست جي طاقت کي پنهنجي دولت سان جوڙي يا دولت جي بنيادن تي پنهنجو پاڻ کي گھڻي ڀاڱي محفوظ ڪري ويٺا هوندا آهن ۽ ٽيون پرت انهن سياسي اڳواڻن جو يا ٻين لفظن ۾ سياسي اشرافيا جو گروھه هجي ٿو جيڪو گھڻي ڀاڱي نه رڳو پنهنجو پاڻ کي محفوظ ٿو ڪري پر رياست جي طاقت سڌي يا اڻ سڌي طرح سان استعمال ڪري ٿو (انهن ۾ يعني سياسي گروهن ۾ جڏهن اقتداري ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي آهي ته برسر اقتدار گروھه مخالف کي هيسائڻ جي لاءِ رياست طاقت جو استعمال ڪندي آهي پر جڏهن معاملو ٺاهھ ٺوھه جي ڪا صورت اختيار ڪندو آهي ته پوءِ وري ائين ئي ٿيندو آهي، ملي کائو ۽ مٽي پائو ) باقي اوهان جنهن ۾ خاص ڪري پورهيت طبقي جا فرد مزدور ۽ هاري وچولو طبقو پنهنجي سماجي بحرانن ۾ بد کان بدتر صورت ۾ وڪوڙيل هجي ٿو هن جو ڪو به معاشي حق قابض ٽولا تسليم ناهن ڪندا ۽ نه سماجي قانوني حق کين ملندو آهي ايتري حد تائين محنت جو معاوضو بدترين استحصال جو شڪار ٿيندي کين اڌ کان به گھٽ ڏنو ويندو اٿن.
رياست جي طرفان تعليم ۽ صحت جي بنيادي سهولت انهن کي ناهي ملندي جيڪڏهن ٽڪي پيسي جيتري ڪا سهولت ملي به اٿي ته عوام کي ائين محسوس ڪرايو ويندو آهي ۽ هو پينو هجن ۽ انهن کي خيرات ڏني ويندي هجي. انهيءَ حڪمتِ عملي جو بنيادي سبب هي هوندو آهي ته عوام ڪڏهن رياست جي مٿان پنهنجو ڪو به حق تصور نه ڪري طبقاتي معاشرن جي اها پوري تاريخ رهي آهي پر هن وقت جيڪي ترقي يافته ملڪ آهن اتي رياست جو ڪردار جيڪو عوامي نقطه نگاھه کان هن وقت تمام گھڻو تبديل ٿيل آهي اهو حڪمران طبقي جي اخلاقي ۽ انساني سمجھه، احساس يا شرافت جي ڪري ناهي پر انهيءَ جي پويان عوام جي ڀرپور هڪ مزاحمتي سياسي تاريخ رهي آهي جنهن جو مثال انقلابِ فرانس ، برطانيه جي چارٽسٽ موومينٽ يا پهرين مئي جو سانحو جن مزدورن جا لاش ڪرايا ۽ احتجاجي ميدان مظلوم پورهيتن جي رت سان رنڱيل رهيا پر اسان کي هي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته پيرس ڪميون ۽ روس جو 17 آڪٽوبر جو انقلاب استحصالي سماج کي اهي ڌوڏا هئا جنهن سبب عوام کي رعايتون به مليون ۽ رياست پنهنجو ڪردار گھڻي ڀاڱي تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي ليڪن اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ بدکان بدترين صورتحال انهيءَ جي ڪري آهي ته عوام پنهنجي جدوجهد کي سياسي بنيادن تي نه جوڙي سگھيو آهي ۽ نه وري پنهنجي سوچ يا فڪر يا مزاج ۾ سياست کي نجات جو رستو سمجھي ٿو.
سياست کي نجات جو رستو نه سمجھڻ جي نتيجي ۾ هو پنهنجي ووٽ جي قدر کي ٺيڪ طرح سان نٿو سمجھي رياست جي وسيلن کي عوام جي ملڪيت تصور نٿو ڪري نوڪرين کي روزگار ۽ ڪمائي جو ذريعو ٿو سمجھي اڪثر نوڪرين کي انفرادي ترقي جي لاءِ تصور ڪندا آهن يا گذاري جي لاءِ ٻين لفظن ۾ پاڻ جيڪڏهن هي چئون ته پورو سماج پنهنجي سماجي جوڙجڪ ۾ پختي ۽ مضبوط هجڻ جي بجاءِ تمام گھڻو ورهايل ۽ ڇڙوڇڙ هجي ٿو.
ڪمزور معاشرن جو سڀ کان وڏو الميو اهوئي هوندو آهي ته فرد اڪيلو اڪيلو ٿي زندگي گذاريندو آهي اها زندگي کيس تڪليفون ڏيندي ۽ کيس غير محفوظ بڻائيندي رهي ٿي. پر جڏهن اڪثريت فرد ان بيراھروي جي راھه کان ٻاهر نڪري پنهنجي سياسي شعور، سمجھه ۽ عمل کي اڳتي وڌائيندا ته هو رياست جي پنهنجي حق حاڪميت قائم ڪري سگھندا ۽ جڏهن رياست تي حق حاڪميت قائم ٿيندي ته عوام جا اهم ۽ بنيادي مسئلا حل ٿيندا. درحقيقت فرد جي ترقي انفرادي طور تي مثال ۾ ته ڳڻائي سگھجي ٿي پر حقيقي معنيٰ ۾ اها ممڪن ناهي پر اها ممڪن تڏهن ٿيندي جڏهن فرد پاڻ کي انفراديت جي تصور کان ٻاهر ڪڍي اجتماعيت جي طرف وڌندو.