ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بلند ترين سطح تي پهتل مهانگائي

ڪجهه ڏينهن مالي سال 23-2022ع جي بجيٽ پيش ٿيڻ واري آهي. عوام کي هر بجيٽ مان اها اميد هوندي آهي ته شيون سستيون ٿينديون، رليف ملندو ۽ ماڻهن جي زندگي ڪجهه سولي ٿي ويندي پر انگ اکرن جي هير ڦير سان جڏهن بجيٽ پيش ڪئي ويندي آهي ته عوام لاءِ ساڳي ماني ساڳ سان هوندي آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ جو عوام مهانگائيءَ ۾ پيڙجي رهيو آهي. ملڪ جون معاشي حالتون بهتر نه هجڻ ڪري، ان جو سڌي ريت اثر عوام تي پوي ٿو. مٿان وري مهانگائي جيڪڏهن ذري گهٽ 40 سيڪڙو تي پهتل هجي ته پوءِ عوام لاءِ زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. ڪالهه جيڪا رپورٽ مهانگائي بابت پڌري ڪئي وئي آهي، سا ڳڻتي جوڳي آهي.
هلندڙ مالي سال 23-2022 جي پهرين 11 مهينن دوران ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي شرح 29 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل مهيني (مئي) دوران مهانگائي جي شرح تاريخ جي بلند ترين سطح 38 سيڪڙو تي پهچي وئي. ان ڏس ۾ ڄاڻ موجب ملڪ ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين 38 سيڪڙو تي پهچي وئي، مئي ۾ مهانگي تقريبن 4 سيڪڙو وڌيڪ رهي. تعليم، صحت، بجلي، گئس ۽ ٻارڻ سميت هر شيءِ مهانگي ٿي وئي. ناڻي واري وزارت مئي ۾ مهانگائيءَ جو ڪاٿو 34 کان 36 سيڪڙو لڳايو هو، شهري علائقن ۾ مهانگائي 35 ڏهائي هڪ سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي 42 ڏهائي 2 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. ڳڻپ کاتي موجب شهري علائقن ۾ کاڌي پيتي جون شيون 48 ڏهائي 65 سيڪڙو مهانگيون رهيون، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ کاڌي پيتي جون شيون 52 ڏهائي 4 سيڪڙو مهانگيون رهيون. انگن اکرن موجب قومي سطح تي هڪ سال ۾ کاڌي پيتي جون شيون 48 ڏهائي 65 سيڪڙو، ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا 53 سيڪڙو، تفريحي سهولتون گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 72 سيڪڙو مهانگيون ٿي ويون. جڏهن ته ريسٽورنٽ ۽ هوٽل جا چارجز به مهانگا ٿي ويا. 42 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. رپورٽ ۾ کاڌي پيتي جي قيمتن جو ماهوار حساب ڪتاب پڻ پيش ڪيو ويو، جنهن مطابق گذريل مهيني پٽاٽن جي قيمتن ۾ 17 ڏهائي 22 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جي قيمت ۾ 11 ڏهائي 31 سيڪڙو، ڪڻڪ جي قيمت ۾ 6 ڏهائي چار سيڪڙو، تيار ٿيل ڪپڙن جي قيمتن ۾ 5 ڏهائي 68 سيڪڙو تائين هڪ مهيني ۾ اضافو ٿيو آهي. دال، مصالحو، کير ۽ سگريٽ به مهانگا ٿي ويا.
هاڻوڪي صورتحال گهٽ ۾ گهٽ هيٺئين طبقي جي ماڻهن لاءِ بهتر ڪونهي، ڇاڪاڻ ته مهانگائي هر مهيني تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ عوام جي قوت خريد گهٽجي رهي آهي، جنهنڪري عوام لاءِ روزمره جا معاملا هلائڻ ڏکيا ٿي پيا آهن. جيڪڏهن مهانگائيءَ جي هاڻوڪي صورتحال کي ضابطي هيٺ نه آندو ويو ته پوءِ ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته عوام معاشي طور اڃا به ڏتڙجي ويندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مهانگائيءَ کي گهٽائڻ لاءِ حڪومت هر سطح تي اپاءَ وٺي. عوام کي مختلفن اسمن تي سبسڊي فراهم ڪئي وڃي ۽ ان کانسواءِ ان پاسي به ڌيان ڏنو وڃي ته عوام جي آمدنيءَ جا ذريعا ڪيئن وڌايا وڃن ته جيئن اهو سٺي آمدني ڪمائي سگهي ۽ ان جي قوت خريد به وڌي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button