اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ملڪ ۾ گئس 45 کان 50 سيڪڙو تائين مهانگي ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد :آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) سڄي ملڪ ۾ گئس جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اوگرا سوئي ناردرن لاءِ گيس جي اگهن ۾ سراسري طور 50 سيڪڙو ۽ سوئي سدرن لاءِ گيس جي قيمت ۾ 45 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.سوئي ناردرن لاءِ گيس جي سراسري قيمت ۾ 415 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن لاءِ گيس جي اوسط قيمت ۾ 417 رپيا 23 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جي واڌ جي منظوري ڏني وئي. سوئي ناردرن تي گيس جي سراسري قيمت 1238 رپيا 68 پيسا ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن تي گيس جي اوسط قيمت 1350 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. گيس جي اگهن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2023ع کان ٿيندي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي. قانون موجب اگهن ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو 45 ڏينهن اندر ٿيڻو پوندو. ذريعن موجب جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪو به فيصلو نه ڪيو ته 45 ڏينهن کانپوءِ فيصلو پاڻمرادو لاڳو ٿي ويندو، قيمتون نه وڌائڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت کي سبسڊي ڏيڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button