اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي نئين ويب سائيٽ ٺهي وئي، باضابطا افتتاح

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي نئين ويب سائيٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، نئين ويب سائيٽ چونڊ عمل ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ عوام جي شموليت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. پڌرائي موجب ويب سائيٽ جو مقصد شهرين کي اهم ڄاڻ تائين آساني سان رسائي فراهم ڪرڻ آهي. افتتاحي تقريب ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر اداري جي ڪاوشن تي خوشي جو اظهار ڪيو. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز سان ڳانڍاپو هن نئين ويب سائيٽ جي اهم خاصيتن مان هڪ آهي. جنهن سان عام ماڻهو کي باخبر رهڻ ۽ سوشل ميڊيا چئنلز تي اليڪشن ڪميشن سان سڌي ريت رابطي ۾ رهڻ جي سهولت ملندي. اليڪشن ڪميشن طرفان سڀني شهرين کي گذارش ڪئي وئي آهي ته ڪميشن جي نئين ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk وزٽ ڪري لاڳاپيل ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button