ايشيا ڪپ 31 آگسٽ کان 17 سيپٽمبر تائين ڪرائڻ جو امڪان آهي، جنهن بابت حتمي شيڊول جو اعلان جلد متوقع آهي. ميڊيا مطابق ڀارت پاران پي سي بي جو هائبر ماڊل تسليم ڪرڻ وارين خبرن بعد ايشيا ڪپ جي شيڊول تي مشاورت ڪئي وئي آهي، جنهن تحت پاڪستان جي ميزباني ۾ ايونٽ جا 4 يا 5 ميچ لاهور ۾ ٿيندا. جڏهن تھ باقي مقابلا سريلنڪا ۾ رٿيا ويا آهن، جن ۾ ڀارت شرڪت ڪندو. ذريعن جي عوا آهي تھ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل زباني طور امڪاني شيڊول بابت پي سي بي کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد لاجسٽڪ معاملن تي غور ڪري شيڊول بابت نجم سيٺي ميڊيا کي آگاهي ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي تھ امڪاني شيڊول موجب بنگلاديش، سريلنڪا، نيپال ۽ افغانستان 31 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين لاهور ۾ کيڏندا، جنهن بعد باقي ميچ سريلنڪا ۾ ڪرايا ويندا، جن ۾ ڀارتي ٽيم حصو وٺندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close