پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ هزارين ٻارن کان جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو: حيدرآباد ۾ تقريب

حيدرآباد: ليگل رائٽس فورم پاران حيدرآباد ۾ چائلڊ ليبر خلاف عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ اي ايس پي علينا راڄپر، نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ عبدالله لانگاهه، سيده قرت العين شاهه، رضا ميمڻ، غفرانا آرائين، تبسم راڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ليگل رائٽس فورم حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ سيمينار ڪوٺائي رهي آهي، ملڪ ۾ هزارين ٻارن کان جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو، پر انهن جي سار سنڀال لاءِ ڪي به ادارن متحرڪ ناهن، جنهن ڪري سماجي تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، چائلڊ ليبر ٻارن کي بنيادي حقن جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ محفوظ ننڍپڻ کان محروم ڪري ٿو، ان سلسلي ۾ چائلڊ ليبر جي خلاف ليگل رائٽس فورم پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان سان گڏوگڏ اسان صوبائي حڪومت ۽ قانون ساز ادارن سان تعاون طلب ڪري رهيا آهيون، اسان ٻارن جي بنيادي حقن لاءِ ريليون به ڪڍي رهيا آهيون، ان لاءِ سول سوسائيٽي، وڪيل برداري ۽ صحافين کي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button