اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

50 سيڪڙو ٽيڪس جي تجويز رد،لک ڊالر پرڏيهه مان موڪلڻ جي منظوري

اسلام آباد: سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي هڪ لک ڊالر ٻاهرين ملڪ مان موڪلڻ ترميم جي منظوري ڏيندي فنانس بل ۾ 50 سيڪڙو تائين ٽيڪس جي تجويز رد ڪري ڇڏي. اڱاري تي سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت قائما ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي ڪمپنين ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي جي ترميم جي مخالفت ڪري ڇڏي. ميمبر ايف بي آر پاليسي چيو ته شق 85 لاڳو ٿيڻ سان ٽيڪس چوري کي روڪيو ويندو. سينيتر محسن عزيز چيو ته ڪيتريون ئي ايل سيز پاڪستان مان نه پيون کلن ۽ دبئي مان کلي رهيون آهن. پاڪستان مان پئسو هنڊي ذريعي ٻاهر وڃي ٿو ۽ سامان ٻاهران اچي ٿو. هن چيو ته گذريل سال جولاءِ کان اهو ئي ٿي رهيو آهي ۽ موخر ادائيگي تي ڪوئي سامان نٿو ڏي. هن چيو ته اڄ جيڪو اهڙي قسم جو ڪاروبار ٿي رهيو آهي، مان ان جو مخالف رهيو آهيان. سينيٽر سعديا عباسي چيو ته شق 85 جو نقصان ڪاروبار کي ٿيندو، مسئلا وڌندا. ڪميٽي شق 85 ۾ ڪمشنر جي منظوري جي ترميم جي سفارش ڪري ڇڏي. فنانس بل مطابق شق 99 ڊي ڪي تحت اڻ امڪاني آمدني، منافعي تي 50 سيڪڙو تائين ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. ميمبر پاليسي ايف بي آر مطابق هي ٽيڪس 50 سيڪڙو تائين آهي ۽ 5 سيڪڙو به ٿي سگهي ٿو. سعديا عباسي چيو ته 50 سيڪڙو تائين ٽيڪس ونڊ فال منافعي تي لڳايو پيو وڃي، پاڪستان ۾ ڪهڙي ڪمپني تي هي ٽيڪس لڳي سگهي ٿو. ميمبر ايف بي آر پاليسي چيو ته 50 سيڪڙو تائين ٽيڪس جو فيصلو ڪابينا ڪري سگهي پئي. ڪميٽي فنانس بل ۾ 50 سيڪڙو تائين ٽيڪس جي تجويز رد ڪري ڇڏي. ٻاهرين ملڪ مان هڪ لک ڊالر آڻڻ جي اجازت جي تجويز تي غور آهي. ميمبر پاليسي ايف بي آر چيو ته هلندڙ مالي سال جي فنانس بل ۾ 50 لک رپيا ٻاهران آڻڻ جي اجازت هئي، نئين مالي سال جي فنانس بل ٻاهران رقم آڻڻ جي حد هڪ لک ڊالر رکڻ جي تجويز آهي. ايس اي سي پي عملدارن مطابق هڪ لک ڊالر موجوده حالتن ۾ 3 ڪروڙ رپيا ٿين ٿا. سينيٽر سعديا عباسي چيو ته هن شق ۾ غير وضاحتي جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي ان کي تبديل ڪيو، حد هڪ لک ڊالر مان وڌايو ڇو ته هي رقم قانوني ذريعن سان اچي رهي آهي. ميمبر پاليسي ايف بي آر مطابق جيڪڏهن ايف بي آر تبديلي ڪئي ته بعد ۾ قانوني مسئلا ٿيندا ڪميٽي هڪ لک ڊالر ٻاهرين ملڪ مان موڪلڻ جي ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button