اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ طوفاني خطرن کان بچڻ لاءِ دعا گهري وئي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن سميت شهري علائقن کي سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي خطرن کان بچڻ لاءِ سلامتي ۽ خيريت جي دعا ڪئي وئي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير شازيا عطا مري چيو ته سنڌ کي سامونڊي طوفان جو خطرو آهي، ايوان ۾ خيريت ۽ سلامتي لاءِ دعا ڪرائي وڃي. اسپيڪر جي چوڻ تي مولانا عبدالاڪبر چترالي ان حوالي سان ايوان ۾ دعا خير ڪرائي. مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته الله ئي نفعو ۽ نقصان پهچائڻ وارو آهي ۽ حفاظت ڪرڻ وارو آهي، ڪا به ٻي طاقت ايئن نٿي ڪري سگهي. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سنڌ کي سامونڊي طوفان سبب خطرا آهن، سنڌ جي عوام کي انتهائي محتاط رهندي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button