
اسلام آباد : حڪومت بجلي هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگي ڪري ڇڏي، بجلي اگهن ۾ هڪ رپيو 61 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.نيپرا بجلي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اگهن ۾ واڌ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي اگهن ۾ واڌ هلندڙ مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندي، اها واڌ لائف لائن واهپيدارن کانسواءِ سڀني تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدار آجا هوندا.