بنگلاديش سيريز جي اڪيلي ٽيسٽ ۾ 546 رنسن تان افغانستان کي شڪست ڏئي اعزاز ماڻي ورتو آهي. ميڊيا مطابق افغانستان جي ٽيم بنگلاديش جي ڏنل 662 رنسن جي جبل جيڏي هدف ماڻڻ جي ڪوشش ۾ 115 رنسن تي ئي ڍير ٿي وئي، ان کان اڳ راند جي چوٿين ڏينهن افغان بيٽر اسڪور ۾ رڳو 70 رنسن جو اضافو ڪري سگهيا، جن ۾ 8 ڄڻا سنگل فگر ۾ ئي آئوٽ ٿي ويا، رڳو رحمت شاهه 30 رنسن جي اننگز کيڏي سگهيو، حشمت الله شاهدي 13 رنسن تا رٽائرڊ هرٽ ٿي واپس ويو ۽ ڪريم جنت 18 رنسون ٺاهيون.
جڏهن تھ بنگلاديشي بالرن مان تسڪين احمد 4 ۽ شريف الاسلام 3 شڪار ڪري ميچ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. بنگلاديش جي نجم الحسن شنٽو 124 ۽ 146 رنسن سان پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ماڻيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بنگلاديش ٽئين وڏي اسڪور تان ڪاميابي ماڻي تاريخ لکي آهي، ان کان اڳ انگلينڊ 1928ع ۾ آسٽريليا کي 675 ۽ آسٽريليا 1934ع ۾ انگلينڊ کي 562 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ياد رهي تھ بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 382، ٻي اننگز 8 وڪيٽن تي 425 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي هئي، جنهن جي جواب ۾ افغانستان پهرين اننگز ۾ 146 ۽ ٻي اننگز ۾ 115 رنسون ٺاهيون آهن.