
پي سي بي جي قومي سليڪشن ڪاميٽي سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ مضبوط 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ شاهين آفريدي واپسي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق سليڪشن ڪاميٽي 16 رڪني اسڪواڊ ۾ محمد حريرا ۽ عامر جمال کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڊيبو ڪرائيندي. قومي سليڪشن ڪاميٽي موجب اسڪواڊ جو ڪپتان بابراعظم هوندو، نائب ڪپتان طور محمد رضوان کي ذميواري ڏني وئي آهي، اسڪواڊ ۾ تيز بالر حسن علي، سرفراز احمد، عبدالله شفيق، ابرار احمد، نعمان علي، نسيم شاهه، محمد نواز، شان مسعود، امام الحق، سلمان علي آغا ۽ شعود شڪيل کي کنيو ويو آهي. چيف سليڪٽر هارون رشيد جو چوڻ آهي تھ سريلنڪا جي ڪنڊيشنز کي سامهون رکي اسڪواڊ تيار ڪيو ويو آهي.